ڄامشورو ( ڊ۔ ر ) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب حيدرآباد عبدالوهاب ميمڻ چيو آهي ته نياڻين جي تعليم کانسواءِ ملڪ جي ترقي نا ممڪن آهي ان ڪري نياڻين جي تعليم بابت آگاهي پروگرام سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيڻ تمام ضروري آهن والدين کي گهرجي ته هو نياڻين جي تعليم تي خصوصي توجهه ڏئي معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ڄامشورو جي ميزباني ۾ نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽون ۽ پيش ايندڙ مسئلن بابت منقعد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نياڻين جي تعليم سان گڏوگڏ تربيت هوندي ته اهي نياڻيون وڏي منزل تي ملڪ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهنديون. هن چيو ته ڪافي ساريون شڪايتون آهن ته اسڪولن ۾ نياڻين کي پاڻي، واش روم، چوديواري جون سهولتون مهيسر نه هجڻ جي ڪري والدين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ڏانهن نٿا موڪلين ان ڪري سنڌ حڪومت سان اين جي اوز، ٽيچرز والدين پاڻ ۾ رابطو رکن ۽ ميڊيا به تعليمي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وقت پري ناهي جو نياڻين جي تعليم ترقي نه ڪري سگهي. گرلس اسڪولن کي معيار مطابق سڌاريو ۽ بهتر وڃي ۽ بر وقت انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ کپي ان موقعي تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اڳواڻ ظفر نواب، ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم اينڊ ريسرچ پيارو خان سهارڻ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ايلمينٽري آفيسر عبدالڪريم سومرو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ڄامشورو پانڌي خان ٽالپر، ايل ايس يو جي مور خان برماڻي، بختاور ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جاويد احمد سميجو، الله بخش سولنگي، شاگردياڻين ۽ ٻين سيمينار کي خطاب ڪندي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي درپيش بابت مسئلن جي پڻ تفصيل ريجنل محتسب کي آگاهي ڏني ۽ پنهنجا مسئلن بابت ويچار ونڊيا، سيمينار ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردياڻين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا خاڪا پيش ڪيا.جنهن ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم اينڊ ريسرچ ڄامشورو، تعليم کاتي ڄامشورو جي آفيسرن، استادن، ملازمن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کان اڳ جاڳرتا ريلي پڻ ڪڍي وئي. بعد ۾ ريجنل محتسب کي ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم اينڊ ريسرچ جو دورو پڻ ڪرايو ويو.
