غلام محمد ڀٽي
اڄڪلهه جي هن جديد دور ۾ جتي دنيا جي ٻين شين واڌ ويجهه ۽ ترقي ڪئي آهي اتي پرنٽ ميڊيا اليڪٽرونڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي اديبن ليکڪن ۽ شاعرن کي به سٺي موٽ ملي آهي. ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ اڃا گهڻي ڪم جي ضرورت آهي. اسان ته سکڻا حوال ڪٽي ٻارن کي لفظن جون ڀيٽائون ڏئي توڙي مختلف لقب ڏيون ٿا پرانھن جي روشن مستقبل لاءِ ڪڏھن به نٿا سوچون جڏھن ته ٻاھرين ملڪن ۾ ٻارن توڙي ٻاراڻي ادب کي ھمٿائي انھن جي مستقبل کي سينگاريو سنواريو وڃي ٿو ان کي وڏيون وڏيون سھولتون کاڌ خوراڪ توڙي تعليم صحت بيمارين جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺي انھن جي مستقبل لاءِ حڪومتون توڙي سماجي تنظيمون جاکوڙين ٿيون ۽ انھن ٻارن لاءِ بي انتھا رليف پيڪيج ڏيندا رھن ٿا. ٻارن کي پڙھائي تعليم صحت ڏياري انھن کي اتساھي ۽ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرايون وڃن ٿيون ۽ خاص ڪري اتساھڻ توڙي انھن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ انھن کي فرش کان عرش تائين مختلف شعبن ۾ ٽريننگ ڏئي دربدري کان بچايو وڃي ٿو. پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ سنڌي ٻارن توڙي ٻاراڻي ادب سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ڇو ته ھتڙي ٻارڙن کان جبري پورھيو مزدوري ڪرائي وڃي ٿي. گهڻي قدر ٻار بي گھر آھن تعليم کان وانجهيل توڙي جيلن ۾ قيد آھن تشدد جو شڪار بڻيل آھن. جنسي ڏاڍين سميت بي دردي سان قتل ٿيندا رھن ٿا انھن مٿان دردن جا پھاڙ ڪيرائي مرڪون ۽ جيئڻ جو حق کسيو وڃي ٿو. جڏھن ته ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻارن کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڌڪيو وڃي ٿو. دنيا ليول تي ٻارن لاءِ قانون جوڙيا ويا آھن پر سنڌ ۾ انھن تي ڪوبه عمل نٿو ڪرايو وڃي خاص انھن ٻارن جي عالمي ڏينھن کي بس نالي ماتر شو ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته ٻاھرين ملڪن واريون جائز سھولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن تنھنڪري ھتان جا ٻار ھر مسئلي ۾ ناڪام بڻيل آهن ۽ فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. تنھن ڪري سنڌ ۽ وفاقي حڪومت سنڌي ٻارن توڙي ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي پورو نه ڪري سگھي آهي نه وري حڪومت ٻارن جي بھتري لاءِ ڪي به اپاءُ وٺي سگھي آهي. جڏھن ته اڄ تائين حڪومت ٻاراڻي ادب جي ڪردار جي اميدن تي به پورو نه لھي سگھي آهي تنھن ڪري سنڌي ٻارن جا ليکڪ يا شاعر ٻاراڻو ادب به لکڻ کان لنوائي رھيا آھن تنھن ڪري ٻاراڻو ادب ترقي بدران زوال طرف وڌي رھيو آھي ۽ معصوم ٻار پريشان مايوسي جو شڪار بڻيل آھن تنھن ڪري ٻاراڻو ادب ترقي بدران پوئتي ڌڪجي وڌي رھيو آهي. جڏھن ته ٻاراڻي ادب بابت پروگرام توڙي سيمينار ٿين ٿا ته اتي به من پسند شاعر ليکڪ موڪليا وڃن ٿا ۽ غريب ليکڪن شاعرن سان اھڙو رويو حڪومت ڪري ٿي ته ٻاراڻي ادب جو به بھتر ڪردار ڪيئن ٿيندو يا ان ۾ سڌارو ڪيئن ايندو، سمجھ کان ڳالھ ٻاھر آهي ۽ جڏھن ته حڪومت جي بي حسي اھڙي رويي سبب خاص طور سنڌي ٻار مسئلن پريشانين جو مسلسل شڪار آھن. جيڪي ھن وقت به گرمين سردين برساتن ٻوڏن زلزلن سبب دربدري جو شڪار بڻيل آھن ۽ وري مسلسل تعليم صحت غذائي کوٽ بيمارين سبب سڀ سھولتن کان وانجھيل زندگيون گذاري رھيا آھن. اسان جي هن معاشري ۾ وحشي صفت جانورن ۾ به اضافو ٿيو آهي پوري سنڌ اندر ٿورڙن سالن جي عرصي ۾ سوين ٻارڙن سان زيادتيون ڪري کين سرعام قتلام ڪيو ويو آهي ۽ اسان جون حڪومتون عدليا توڙي سياستدان انهن معصومن جي موت مٿان به رحمدلي بجاءِ سياست ڪندي نظر ايندا آهن جنهن ڪري اڄ خاص ڪري معصوم ٻار گهٽين ۾ گهمڻ راند روند ڪرڻ بجائي ٻوساٽيل ماحول کي ترجيح ڏيندي پاڻ کي گهر اندر قيد ڪري پاڻ کي محفوظ سمجهندا آهن اهڙي طرح جئين ڪو پکي پڃري ۾ بند هجڻ سبب پاڻ کي محفوظ سمجهندو هجي. حالانڪي هجڻ ته ائين گهرجي جو معصوم ٻارڙن بدران وحشي بگهڙن کي پڪڙي قيد ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي ته جئين معصوم گل ٻوساٽجڻ بدران کلي ۽ خوشبو پيدا ڪن ته جئين اسان جو هي ٻوساٽيل ماحول هڪ دفعو ٻيهر گلشن گلشن ٿي وڃي ۽ چارئي طرف محبتون ۽ مرڪون هجن محبتن جو واس ڇانيل رهي وڏا پنهنجي ننڍن تي سختي ڪرڻ بجائي سندن حوصلا افزائي ڪن ۽ کين جئين جو صحيح نموني حق ڏنو وڃي سندن خواهشن کي هٿي ڏني وڃي ۽ صحيح راهه ڏيکاري کين مايوسي مان ڪڍي بهادري ۽ ڏاهپ سان جيئڻ سيکاريو وڃي تڏهن ئي ٻار معاشري ۾ آزاد فضا واري ماحول کي محفوظ سمجهي پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ ڪوششون وٺي سگهندا ۽ آزادي جي اظهار کي سمجهي هن معاشري ۾ ادبي ۽ اخلاقي طور پاڻ کي مڃائي سگهن ٿا تڏهن ئي هڪ اديب ۽ ليکڪ ٻاراڻي ادب ۾ انهن معصومن جي خيالن کي صحيح نموني اظهاري سگهي ٿو ۽ ٻاراڻو ادب پڻ اڃا وڌيڪ واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جو به ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجو ڪردار آهي هڪ طرف انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جتي دنيا کي سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آهي هڪ بٽڻ دٻائڻ سان دنيا جي معلومات اوهان جي موبائيل ۽ ليپ ٽاپ اسڪرين تي نمايان نظر اچي ٿي اتي خاص ڪري اسان جي هن ملڪ ۾ انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو تحقيقاتي اداري موجب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جو استعمال گهڻو ڪري فحاشي ڦهلائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. والدين کي گهرجي ته پنهنجن ٻارڙن تي گهر اندر گهري نظر رکن کين موبائيل فون جي استعمال ڪرڻ بجائي ڪتاب دوست بڻايو وڃي ته جئين ٻار ڀٽڪڻ بجائي صحيح رستي تي هلي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي و خوشحالي سان گڏ ادب لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. حڪومت يا سماجي تنظيمن کي ٻارن توڙي ٻاراڻي ادب جي ترقي بھتري لاءِ اپاءِ وٺڻ گھرجن باقي ٻارن جا عالمي ڏينھن شو ڪري پاڻ کي جيارڻ واري سٽم تي عمل نه ڪرڻ گھرجي. نه ته مستقبل اسان کي ڪڏھن به معاف نه ڪندو. حڪومت کي گهرجي ته ٻارڙن لاءِ جوڙيل قانونن تي عمل ڪرايو وڃي ۽ کين معياري ۽ مفت تعليم سان گڏ ادبي ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي وئي انهن کي ادب ۾ دلچسپي وٺرائڻ لاءِ ادبي پروگرام ڪوٺايا وڃن تڏهن ئي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ٿيندو.
