ٽنڊو محمد خان سنڌ هاري ڪميٽي جو جاگيرداري – وڏيراهي شاهي نامنظور مارچ

ٽنڊو محمدخان (ڊ ر)سنڌ هاري ڪاميٽي پاران پورهيت جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ شهيد اظهر جتوئي جي ٻئي ورسي جي موقعي جاگيرداري وڏيرا شاهي نامنظور مارچ ڪيو ويو جيڪو ٽنڊو محمد خان سجاول چوڪ کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين هزارن ماڻهن جو مارچ هو, جاگيرداري وڏيرا شاهي نامنظور مارچ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته جاگيرداري وڏيرا شاهي نامنظور ۽ سنڌ بحالي مارچ ڪرڻ مقصد دربدر سنڌ جي پورهيتن کي پنهنجي گهرن ۾ واپس آباد ڪرڻ آهي ۽ جاگيردارن وڏيرن مان سنڌ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي پاڪستان جي 75 سالہ تاريخ ۾ سنڌ سان ٿيل معاشي ۽ سياسي ڏاڍايون عروج تي پهچي چڪيون آهن سنڌ جي وڏيرا شاهي هارين تي هر طرح جا ظلم ۽ زياديون ڪري رھي آھي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجو ڊپٽي ڪليڪٽري جو عهدو ڇڏي هارين جي معاشي سياسي آزادي ۽ جاگيرداري وڏيرا شاهي خلاف سياسي فلسفو ڏنو جنهن موجب سنڌ جو هاري ۽ مزدور پيڙهيل طبقي لاء راه نجائت آهي ان فلسفي کي اڳتي وڌائڻو آهي ثمرحيدر جتوئي وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ ماڻهو ڏکائين ۾ آهي حڪومت رکيف ڏيڻ جا رڳو اعلان ڪيا اڃا تائين ڪنهن ڪجه به ناهي مليو برسات متاثرن کي فصلن جو معاوضو نه مليو گهرن جي ٻيهر تعمير نه ٿي نه وري هارين کي ٻڄ ڀاڻ ڏنا ويا اسان حڪومت جي اهڙي رويئي جي مخالف آهي پورهيت دشمن سموري سازشن کي برداشت نه ڪنداسين سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جو مڪمل خاتمو نہ ٿيندو نه تيستائين ملڪ خوشحال نه ٿيندو هي ڏاڍ جبر جو راڄ هاڻي بند ٿيڻ گهرجي آئين ۽ قانون جي بلادستي چاهيون ٿا وڏيرو پير مير ڀوتار سنڌ جو ازلي دشمن آهي جنهن سنڌ کي هميشه نقصان پهچايو آهي  اڄ اها حقيقت ظاهر آهي تہ برسات جي ٻوڏ متاثرن جي تمام امداد وڏيرا پير مير حڪومتي ڪامورن گڏجي فٻائي آهي ٻج ڀاڻ چند وڏيرن ڪمدارن ۽ ڪامورن جي ڀانڊن مان جوديشلري جي ڀاندن ۾ نڪتا آهن ان کان ظلم هجڻ جو ثبوت ڪهڙو هوندو ته پورهيت مسيڪن بي يارو مددگار تڙپن پيا ۽ ڪامورا سامان لڪائڻ ۾ پورا هئا مارچ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي سوشل سيڪريٽري جبار باغي چيو ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ آهي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فلسفي تي جدوجهد ڪئي ويندي هاڻي وڏيرن پيرن جو خاتمو ٿيندو سنڌ هاري ڪاميٽي جي فقير ولايت نوناري خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي زندگيون باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نظريي جدوجهد ڪندي گذاريون اڄ به اٽل ٿي بيٺا آهيون تبديلئ جي شروعات ٿي چڪي آهي هاڻي وڏيرن ڪامورن جا ڪوٽ ڪرندا سنڌ خوشحال ٿيندي پورهيت خوشحال ٿيندا جاگيرداري وڏيرا شاهي نامنظور مارچ کي مير آزاد ٽالپر,علي حسن لنڊ,اسحاق سنڌي ,مولوي ممتاز لنڊ سميت ٻين خطاب ڪيو,جاگيرداري وڏيرا شاهي نامنظور مارچ ۾ هيٺيون قراردادون پاس ڪرايون ويون.1-اڄ جو هي هزارن جو مارچ سنڌ حڪومت جي رليف اسڪيم جي ناڪامي تي رليف اسڪيم جي سموري عملي جي استعفي جو مطالبو ڪري ٿو,2- برسات متاثرن لاء آيل سموري فنڊن جو مڪمل رڪارڊ پبلڪ عوام ڏيکاريو وڃي ته ڪٿي خرچ ٿيو,3-اڄ جو هي مارچ هارين کي زرعي زمينن لاء ٻڄ ڀاڻ بنا انٽريسٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿو,4- اڄ جو هي ميڙ مطالبو ڪري ٿو ته برسات متاثر علائقن جي نوجوانن ڱي اولين تي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن,5- اڄ جو هي هزارين ماڻهن جو مارچ مطالبو ڪري ٿو ته پورهيت مسڪينن هارين ۽ مزدورن جي اولاد لاء خاص اسڪالرشپس ڏنيون وڃن,6- اڄ جو هي مارچ مطالبو ڪري ٿو ته برسات جي ڪري يونيورسٽي ليول تائين هڪ سائين جي شاگردن جي سنوري فيس معاف ڪئي وڃي,7-جاگيرداري وڏيرا شاهي نامنظور مارچ مطالبو ٿو ڪري ته سنڌ اندر جاگيرداري جو خاتمو ڪري زمينون حقيقي حقدار هارين ۾ ورهايون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں