پي پي هميشه صحافين جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کنيا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي پريس ڪلب کي 5 ڪروڙ رپين جي سالياني گرانٽ جو چيڪ ڏئي ڇڏيو.  ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ جنرل سيڪريٽري رضوان ڀٽي صوبائي وزير کان چيڪ وصول ڪيو، ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس انفارميشن محمد يوسف ڪابورو پڻ موجود هئا.  شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سالياني گرانٽ سان پريس ڪلب جي صحافين جي ڀلائي ۽ ڪلب ۾ سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.  هن چيو ته پريس ڪلب جي باقي رهيل ميمبرن کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ جو مسئلو به جلد حل ڪيو ويندو.  صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه صحافين جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کنيا آهن.  گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي تحفظ لاءِ ڪميشن جي منظوري ڏني آهي ، جنهن کانپوءِ سنڌ ملڪ جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي، جنهن صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي آهي.  هن چيو ته بهترين شهرت رکندڙ شخصيت جسٽس ريٽائرڊ رشيد اي رضوي  کي ڪميشن جو چيئرمين بڻايو ويو آهي.  هن چيو ته ڪميشن جي قيام سان صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ٿيندو .  صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.  ٽرانسپورٽ، لوڪل گورنمينٽ، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڏا منصوبا مڪمل ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي پروجيڪٽس تي ڪم جاري آهي.  پبلڪ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ پيپلز بس سروس، اورنج لائن، اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪئي وئي آهي، بي آر ٽي ريڊ لائين پروجيڪٽ ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته يلو لائين تي ڪم جلد شروع ٿيڻ وارو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں