حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ” سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻارن جو ادب : نوان لاڙا، موضوع ۽ جديد گهرجون” جي عنوان هيٺ ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شروع ، ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي. افتتاحي تقريب جي صدارت اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڪئي، جڏهن ته ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، پروفيسر اياز گل، ڊاڪٽر ادل سومري، شهيد الهه بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ خاص مهمان هئا. عالمن، اديبن، استادن سميت مختلف اسڪولن جي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب جي صدارت ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته ” هن ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي مقصد پويان اُلڪو، فڪر ۽ خوف آهي ته اسان جي ايندڙ نسل جي آبياري ۽ تربيت لاء تخليق ٿيندڙ ادب تمام گهڻو گهٽجي رهيو آهي، هن سماج جو محروم طبقو ٻار ۽ ٻاراڻو ادب آهي، پيپر جي مهنگائي سبب ادب، ڪتاب ۽ اخبار کي سوڙهو ڪيو ويو آهي ته ان حالتن ۾ ٻارن جي ادب جو ڇا ٿيندو؟ ان سوچ ويچار ۽ گڏجي ڪجھ ڪرڻ لاء اسان سڀني کي گڏجڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته دنيا ختم ٿيندڙ ناياب پکين ۽ جانورن لاء پريشان آهي انهن کي بچائڻ لاء ڪوششون ٿي رهيون ۽ ايئن اسان کان ٻاراڻو ادب ختم ٿي رهيو آهي. ان لاء اسان کي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ حڪومتن تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته ٻاراڻي ادب ۽ تخليق لاء ادارا جوڙين، نه فقط ڪتاب ڇپائين پر انهن جي خريداري لاء فنڊ هجن. هن چيو ته دنيا ۾ ادب کي پيش ڪرڻ جو طريقو تبديل ٿي رهيو آهي، ايئن ئي اڄ جي ٻار کي موبائيل مان ڪڍڻ لاء جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا، هاڻ انمينشن ۽ ڪارٽون وسيلي ٻار ۾ دلچسپي پيدا ڪري سگھجي ٿي. ڪانفرنس جي مهمان خاص ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ چيو ته” جڏهن اسان اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته مختلف رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ لاء ملندا هئا ۽ وري وري انهن جو انتظار هوندو هو، ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ سان لکڻ جو شوق جاڳندو هو پر هاڻ اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته ٻارن جي سکيا ۽ تربيت لاء جديد دور جي مناسبت سان لکڻ گهرجي ته جيئن ٻار ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ڇو ته ادب پڙهڻ سان ئي اخلاقيات ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته هن قسم جي هر سرگرمي لاء اسان سڀني سان گڏ هونداسين. ٻاراڻي ادب جي نامور شاعر ڊاڪٽر ادل سومري چيو ته ” سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب بابت پهرين تاريخي ۽ سنجيده ڪانفرنس آهي، هن ڪانفرنس ۾ مستقبل لاء سوچ ۽ ويچار جا رستا کُلندا. هن چيو ته جهڙي طرح ٻارن جو ادب وڌيو اهو ڪمال هو، گلن جهڙا ٻارڙا رسالي جون 25 هزار ڪاپيون مهيني جي پهرين هفتي ۾ ختم ٿي وينديون هيون ۽ گُل ڦل جون 12 هزار ڪاپيون نڪرنديون هيون ۽ ٻيا به ڪيترائي رسالا ۽ تنظيمون ڪم ڪنديون هيون، هاڻ اهو رجحان ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ چلڊرين اڪيڊمي هجڻ کپي، ادبي بورڊ جهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي، گهر وڃڻ وقت مهيني ۾ ٻارن جي دلچسپي لاء هڪ ٻه ڪتاب وٺي وڃڻ گهرجن ۽ استاد، والدين يا ليکڪ جي حيثيت ۾ اسان تي جيڪو فرض ٿئي ٿو اهو پورو ڪرڻ گهرجي. ناليواري شاعر پروفيسر اياز گل چيو ته ” ٻارن جون تنظيمون ۽ ادارا ٻار جي ذهني اوسر ۾ وڏو ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، اڄ جيڪي وڏا نالا ٻڌون ٿا اهي ٻاراڻي تنظيمن ۽ رسالن جي پيداوار آهن. هن چيو ته ترقي يافته دور جي دعوئ ڪجي ٿي پر افسوس تخليقي ڪم رڪجي ويو، ادارا بند ٿي ويا پر ان باوجود ڪجھ دوست ڪتاب لکن ٿا ۽ ڪم ڪن ٿا انهن کي جس هجي. هن چيو ته هن قسم جون سرگرميون سمورن ادارن کي ڪرائڻ گهرجن ڇو ته جيستائين ٻارن جي ادب، تخليق ۽ تربيت لاءِ ادارا قائم نه ٿيندا ۽ اهڙيون سرگرميون نه ٿينديون تيستائين ڪجھ نه ٿيندو. شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته “حيدرآباد علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين جو محور رهيو آهي پر ٻارن جي حوالي سان هن قسم جون سرگرميون انهن ۾ اتساه پيدا ڪنديون ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙا پروگرام ٿيندا رهن. هن چيو ته نه اڄ جي شاگردن ۾ پڙهڻ جو شوق آهي ۽ نه ئي استاد ۾ ڪا دلچسپي ڏسڻ ۾ ٿي اچي، اسان کي بهتر سماج اڏڻ لاء ٻارن جي ادب ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ان لاء سڀني کي سوچڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ چيو ته “ٻارن کي ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي، ٻار کان سواءِ انسان جو وجود اڻ پورو آهي ۽ انسان جي چهري تي قدرتي مرڪ به ٻار کي ڏسڻ سان ايندي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ چائلڊ پروٽيڪشن ادارا جوڙيل آهن جيڪي ٻار جي تعليم ۽ تربيت کي ڏسندا آهن، اسڪول ويندڙ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻار جو رڪارڊ رکندا آهن پر اسان وٽ اهڙو ڪو ادارو ناهي جيڪو ٻارن جي تعليم ۽ تربيت کي ڏسن. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته ” ٻار سماج جو روشن ۽ خوبصورت آئندو آهن انهن جي بهتر تعليم ۽ تربيت جي ذميواري به اسان جي آهي،انهن جي اکين ۾ جيڪا روشني آهي اها معاشري کي وڌيڪ روشن ڪري ٿي. هن چيو ته ٻار، پکي ۽ ٻوٽا فطرت جي حسين ۽ شاھڪار تخليق آهن جيڪي دنيا ۾ توازن پيدا ڪن ٿا ان ڪري انهن جو خيال رکڻ گهرجي. قومي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب دوران گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول قاسم آباد ۽ ٻين اسڪولن جي شاگردياڻين ٽيبلا پيش ڪيا.
