دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، الزام ھيٺ آيل جوابدار ڀائرن سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو سميت گرفتار جوابدارن تي فرد جرم عائد ٿي ويو، دادو جي ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم عائد ٿي ويو ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ٿي وئي، ام رباب چانڊيو عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو تہ عدالتن تي يقين ھيو ۽ اڄ عدالت پاران جوابدارن تي فرد جرم عائد ڪيو ويو آھي 5 سالن کان جنھن فيصلي جو انتظار ھيو اھو اچي ويو آھي اميد آھي تہ ھاء ڪورٽ جي حڪمن تحت 3 مھينن ۾ ڪيس مڪمل ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي ڦاھي جي فندي تي لٽڪيل ڏسان پئي، الزام ھيٺ آيل سردار احمد چانڊيو چيو تہ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن اسين 5 سالن کان منھن ڏيون پيا اڳتي بہ منھن ڏينداسين.
