باس ڏيڻ ويا لاش واپس آيا

سرتاج شر
خيرپور ميرس واسي ھڪ برادري جا ويھ ماڻهو، ھڪ ھنڌ فوت ٿي ويا ۽ ان ويچاري شخص جو ته پورو خاندان تباھ ٿي ويو جنھن کي ستن ڌيئرن ڄمڻ کان بعد ھڪ پٽ ڄائو، جنھن جي ان سنڌ جي ھڪ وڏي درگاھ تي باس باسي آيو ھيو ته، پٽ ڄمڻ کانپوءِ ان باس ڏيڻ لاءِ پنھنجي ستن ڌيئرن ۽ ان پٽ سميت وڃي رھيو ھو جڏھن اھا وين جنھن ۾ ويھ ماڻھو ھئا، اھي جڏھن پنھنجي کان نڪري رھيا ھئا ته ان وٽ ھڪ لازوال خوشي ھئي اھي گھر کان نڪرڻ وقت ائين جھومي رھيا ھئا جئين ھڪ گلاب جي ٽاري صبح صادق جو بھار ۾ ٻھڪندي آھي ۽ ان وقت انھن جي گھرن ۾ ھڪ نئون بھار آيو آهي ھيو، جنھن جي ڪري ھڪ وڻ جي ستن ٽارين سان گڏ ھڪ نئون گلاب ٽڙيو ھيو، پو: اوچتو خزان جي موسم اچي وئي، پوءِ ان وڻ جا سبب پن پيلا ٿيڻ لڳا، بعد ۾ ان وڻ جا سڀ پن ڇڻي زمين تي ڪري پيا ڪرڻ کانپوءِ زمين ۾ ملي مٽي بڻجي ويا، اھو وڻ سڪي ويو ان کي ٻارڻ لاءِ ماڻھون وڍي ٽڪي کڻي ويا آخر اھو وڻ جدا جدا ٽڪرن ۾ سڙي راک بڻجي ويو، ائين ئي ان ويچاري خيرپور ميرس واسي شخص جو ويڙهو ئي اجڙي ويو. ان ۾ انتظاميه جي نااهلي ڪيڏي آھي، ھڪ ته انتظاميه پنھنجي مرضيءَ سان ڪٽ ھڻي ساري سنڌ کي ٻوڙيو جنھن سبب لکين ماڻھون بي گھر ٿيا ۽ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھون ان وقت ئي مري ويا، ڪجھ پنھنجا گھر ڇڏي سر بچائڻ لاءِ نڪتا ته رستن ۽ روڊن تي مئا ڪجھ بک وگھي ۽ ڪيترائي ماحولياتي گدلاڻ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين ۾ مري ويا، ھڪ ته جڏهن انتظاميه ڪٽ ھنيا پوءِ پاڻي کي رستو ڪير ڏي، پاڻ جو نيڪال ڪجھ به نه، ٽي مھينا گذرڻ باوجود پاڻي نه نڪري سگهيو آهي ۽ ٻيو ته جڏهن روڊن ۽ رستن کي ڪٽ لڳايا ويا، انھن کي بند ڇو نه ڪيو ويو، پر جيڪڏهن بند نه ٿيا ته ڪوئي عملو اتي عوام کي آگاھ ڪرڻ لاءِ ڇو نه بيھاريو ويو. انھن ويھن خونن جو آخر ڪار ڪير ذميوار آهي ، ذميوار ھڪ ته ضلعي دادو جو ڊي سي، اي سي، ذميوار ماڻھون آھن ۽ انھن جي مٿان ايھن خونن جي ايف آءِ آر ڪري عدالت ۾ آڻي انھن کي 302 ڪپڪ تحت سزا ڏني وڃي. جڏهن پولينڊ ۾ ميزائل ڪرڻ تي ھاڻي ٻه ماڻھون ۽ پوري دنيا ۾ باھ ٻري وئي آمريڪا سميت سڀ ٿرٿلي ۾ پئجي ويا ڇو ته اھي انگريز گورا آھن، انھن جي رت مھانگي آھي اھي انسان آھن، پر جيڪڏهن سنڌ ۾ سدائين روزمره جي حساب سان روڊ جي حادثن، ٻوڏ، قبائلي جھيڙن، بيمارين، بک ۽ بدحالي ۾ مرن ٿا، ڪنھن کي ڪا خبر ئي ناھي ۽ سڀ اڻ ڄاڻ آهن ، انسان حقوق ادارو ڇو نه ٿو ايڪشن وٺي اقوام متحده ڇو خاموش آهي، ملڪ جي وزيراعظم کي خبر ئي نه ته ڪو سنڌ به پاڪستان جو صوبو آهي، ايڏو اسان سنڌين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي رت کي ايڏو ته سستو بڻايو ويو آھي، پر ھڪ وڏي سوچيل ۽ سمجيل منصوبابندي سان، پوءِ به اسان گھرن ۾ ستل آھيون، گھرن ۾ سوشل ميڊيا تي رڙيون پيا ٿا ڪيون، ڪڏهن شعور ايندو اسان سنڌين کي ڇا اسان سنڌين سدائين مفت ۾ ۽ بيگناهه مرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں