جيسين سنڌ ۾ جاگيردار وڏيرن ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي تيسين سنڌ خوشحال نه ٿيندي:قادر مگسي

ٽنڊوالهيار(پ ر) ٽنڊوالهيار ۾ شهيد الطاف جسڪاڻي جي ٻي ورسي ايس ٽي پي هائوس نصرپور روڊ تي ملهائي وئي ورسي ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، گلزار سومرو،  حيدر ملاح، حيدر شاهاڻي، نثار ڪيريو، ذيشان جسڪاڻي، افضل جسڪاڻي، ونجهار جسڪاڻي سميت هزارين ايس ٽي پي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ورسي جي جلسي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مون سرڪار کي چيو هو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار ڪيو يا ايس ٽي پي جا ڪارڪن قاتلن جو پيڇو ڪندا اسان چاهيون ٿا ته سنڌ مان هر قسم جي غلامي جو خاتمو آڻيون جيسين سنڌ ۾ جاگيردار وڏيرن ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي تيسين سنڌ خوشحال نه ٿيندي هن چيو ته سنڌ سرڪار 5 مهينن جو عرصو گذري وڃڻ باوجود پاڻي نيڪال ناهي ڪرائي سگهي ٻاهرين ملڪن مان ٻوڏ دوران ايندڙ اربين ڊالر گڙڪائي ويا آهن سڄي دنيا ۾ ٻوڏون اينديون آهن پر اهڙي تباهي ناهي ايندي جهڙي نااهل حڪمراني سبب هتي تباهي آئي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جاگيردار جيڪي ويٺا  آهن سرڪار ۾ اهي سڀ ضيا جا يار آهن اسان کي ڪنهن به قسم جي غلامي قبول ناهي اسان نئين سنڌ اڏڻ لاء نڪتا آهيون ايندڙ مهيني کان اچو سنڌ سنواريون جي عنوان هيٺ جدوجهد جي شروعات ڪريون منشيات سموري سنڌ ۾ نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي منشيات خلاف تحريڪ هلائنداسين هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم تباھ آهي  ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ اڄ به شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پراين ٿا سنڌ سرڪار بند پيل اسڪول کولين نه ته ايس ٽي پي جا ڪارڪن تالا ٽوڙي اسڪول ۾ تعليم ڏيارينداسين سنڌ جو هر ادارو تباھ لڳو پيو آهي جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هر کاتي کان حساب وٺون ته فنڊ ڪٿي پيو خرچ ٿئي الطاف جسڪاڻي جو خواب هو ته سنڌ خوشحال ٿئي اسان کي يقين آهي شهيد جو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو ورسي جي تقريب  کي نثارڪيريو . ذيشان جسڪاڻي  حيدر شاهاڻي . حيدر ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں