حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس جي شروعات، 3 ڏينھن ڀاڙو نه ورتو ويندو: شرجيل انعام ميمڻ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس جي شروعات ٿي وئي آھي، شرجيل ميمڻ افتتاح ڪيو. ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس جي شروعات ٿي وئي آھي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدر چوڪ تي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو’. شرجيل ميمڻ موجب سنڌ سرڪار عوام کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. شروعاتي ٽن ڏينهن تائين بس ۾ ڪو به ڀاڙو نه ورتو ويندو، پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد جي روڊن تي 10 بسون هلايون وينديون. بس سروس جا ٻيا به روٽس تيار ڪيا ويندا، ميرپورخاص کان حيدرآباد تائين به سروس هلندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں