غلامي مان ڇوٽڪاري لاءِ نڪرڻو پوندو: عمران خان طرفان 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي پنڊي پهچڻ جو اعلان ڪندي اپيل ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني ان ڏينهن پنڊي پهچن. لانگ مارچ سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته غلامي کان موت بهتر آهي، اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس، اسان کي خبر آهي ته مارڻ وارا ٻه هئا ۽ سامهون کان گوليون آيون، انهن جوابدار کي طوطي وانگر پڙهايو ته مان اڪيلو هيس ته جيئن شڪ نه ٿئي، هاڻ توهان سان پنڊي ۾ ملاقات ٿيندي، پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني 26 نومبر تي پنڊي پهچن. هن چيو ته اسان جي دور ۾ 3 لانگ مارچ ٿيا، نه اسان رنڊڪ روڪ ڪئي، نه ڪيس داخل ڪيا، اسان پنهنجي دور ۾ آئين ۽ قانون موجب هلياسين، مون کي خبر هئي ته مارڻ لاءِ پلان ٺاهيو ويو آهي ان باوجود نڪتس، مسئلن جو حل شفاف چونڊن کانسواءِ ڪجهه ناهي. سندس چوڻ هو ته مون کي بلاول جو سياسي مستقبل نظر نه پيو اچي، بلاول ڳوليندو وتندو ته بابي چوري جا پئسا ڪٿي ڪٿي رکيا آهن، افسوس جو ڀارت جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو مثال ڏيڻو ٿو پئي، روس کان تيل خريد ڪرڻ تي آمريڪا اڳ ۾ ڀارت سان ڪاوڙيو پوءِ راضي ٿي ويو. عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان گڏ عوام به 26 نومبر تي پنڊي پهچي، آئون اُتي توهان سان ملندس، سگهارين ڌُرين کي چوان ٿو ته توهان وٽ طاقت سان گڏ ذميواري به آهي، عوام نيوٽرل نٿو رهي سگهي، توهان اڄ نيوٽرل ٿيا ته ايندڙ نسل پريشان ٿيندو، توهان کي غلامي مان ڇوٽڪاري لاءِ نڪرڻو پوندو. عمران خان چيو ته گهڙي بابت لڳايل الزامن خلاف آمريڪا ۽ برطانيا جي عدالتن ۾ ويندس، افسوس سان چوڻو پئـَي ٿو ته مون کي پاڪستاني عدالتن مان انصاف نه ملندو، هڪ اڳوڻي وزيراعظم تي گند اُڇليو پيو وڃي پر ڪير به پُڇڻ وارو ناهي، اسان جڏهن پنڊي وڃڻ گهريو، تڏهن ڪابه اهم مقرري نه ٿي رهي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں