ميرپورخاص (پ ر) ٻارن جي ڪاميابي ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڪاميابي آهي تعليم ٻارن جو بنيادي حق آهي ان ۾ اسان سڀني جو ڪردار شامل ھجڻ لاز آهي ان ڳالھ جو اظھار مقررين چائيلڊ پروٽيڪشن يونٽ ميرپورخاص ڊگني ۽ ڪلف ناروي جي تعاون ۽ ڪچھي ڪميونٽي ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن رتن آباد ميرپورخاص پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقع تي ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن حزب اللہ ميمڻ ڊسٽرڪٽ آفيسر چائيلڊ پروٽيڪشن يونٽ جنيد مرزا، انچارج ڪچھي ڪميونٽ ڊولپمينٽ ايسو سي ايشن جي ڊائريڪٽر شامون سموئيل، پروگرام مينيجر ھمان ابنير، ٽيم ليڊر تماچي، لائزون آفيسر چندر مھاليو، فنانس آفيسر رام جي ۽ ٻين خطاب ڪيو انھن چيو ته تعليم ٻارن جو بنيادي حق آهي ۽ اھو ئي معاشري کي بھتر بڻائڻ جو بھترين ذريعي آهي. مقررين ڪي سي ڊي اي پاران پنج سالا تعليمي پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ انھن جي ڏنل تعليم کي سراھيو ۽ ٻڌايو ويو ته ڪي سي ڊي اي تحت 5 سالن جي پراجيڪٽ تحت 15 اسڪول ھلايا ويا جن ۾ تقريبن 7 ٻارن کان وڌيڪ ٻارن پرائمري تعليم حاصل ڪئي ڪي سي ڊي اي ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار پاران تعليم حاصل ڪندڙ 2 ٻارن کي اسڪالر شپ تحت پبلڪ اسڪول حيدر آباد ۾ داخلا ڏني وئي پروگرام ۾ ڪي سي ڊي اي ميرپورخاص جي تحت پرائمري اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن تعليم سان گڏ ڪندڙ ڪاروبار، ھنر، ملازمت ۽ ٻين شين جي باري ۾ به آگاھي ڏني ان موقع تي ڪڇي ڪميونٽي سان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد اسڪالر شپ تحت پبلڪ اسڪول حيدر آباد ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار کي ڊائريڪٽر انفارميشن حزب الله ميمڻ پاران 5 ھزار ڪيش به ڏنا ويا سيمينار ۾ ٻارن ٽيبلو تقريرون پيش ڪيون.
