ميهڙ ۾ واپارين کان ٿيل ڦر واپس نه ملڻ ۽ بدامنيءَ خلاف شهري اتحاد جو احتجاجي مظاهرو، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ميھڙ(رپورٽ: عابد علي جوڳرو) ميهڙ ۾ واپاري محمد حسن چنه، فدا حسين چنه ۽ اظھر گانگهرو کان ڦر ٿيل لکين روپيا واپس نه ٿيڻ ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي صدر عبدالستار چنا رائيس مل ايسوسيئيشن جي صدر نياز علي ٻرڙو، غلام سرور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري مين انڊس ھاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنهن دوُران مڇريل ماڻھن پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميھڙ شھر ۾ چوريون ڦرون ڌاڙا روز جو معمول ھجڻ سبب واپاري دڪاندار ۽ شھري سخت پريشان آهن ۽ پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ بجاء کين تحفظ فراهم ڪري رھي آھي جنھن سبب ڏوھاري شھر ۾ آساني سان ڦر لٽ ڪري فرار ٿيو وڃن ھنن وڌيڪ چيو ته ٻه ڏينھن اڳ رائيس مل جي مالڪ واپاري محمد حسن چنه ۽ واپاري فدا حسين چنا کان اڻ ڄاتل  ھٿيار بندن ڦورن پاران 18 لک ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏهن ته هڪ ھفتو اڳ واپاري اظھر گانگھرو کان سندس دڪان تان ڏينھن ڏٺي جو ھٿيار بندن پاران دڪان تي يرغمال بڻائي 20 لک روپيا روڪ رقم آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج پوليس کي ڏيڻ باوجود به پوليس اڃا تائين ڏوھن ۾ ملوث ھڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگھي ، ان موقعي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن شفيق ابڙو وڏا پوليس اٽالا ساڻ ڪري مظاھرين سان ڳالھيون ڪري سمورا ڏوھ سومر تائين واپسي ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو ھوڏانھن شھرين ۽ رائيس مل ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چتاء ڏيندي چيو ت ايندڙ سومر تائين واپاري اظھر گانگھرو  محمد حسن چنو ۽ فدا حسين چنو سميت شھر ۾ ٿيل ڏوھن جو وارداتون واپس نه ڪرايون ويون ته ٻي صورت ۾ ايندڙ اڱاري ڏھاڙي ٻيھر اڻ اعلانيل مدي تائين ميھڙ انڊس ھاء وي بلاڪ ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں