ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺاڻن جو بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ

ڀرياسٽي (رپورٽ:غلام مرتضيٰ دشتي ) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ درياخان جلباڻي واسي سوين ڳوٺاڻن عبدالسميع خاصخيلي صدام خاصخيلي يعقوب جلباڻي مسمات بشري خاصخيلي مسمات زاھدان خاصخيلي جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ گھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي با اثر پاران زرعي زمينن جو پاڻي سندن گھرن ڏانھن ڇوڙ ڪري گھر ٻوڙئڻ خلاف ڀرياروڊ لنڪ روڊ تي سخت احتجاجي مظاھرو ڪري ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ويھي رھيا ڌرڻي سبب ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون جي لائين لڳي وئي ان موقعي تي ڳوٺاڻـن ميڊيا کي ٻڌايو ته برسات کي گذري چار مھينا ٿي ويا آھن پر با اثر پنھنجي زرعي زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي  اسان ڏانھ ڇوڙ ڪيو آھي، جنھن اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي ۽ اسان جي 50 کان مٿي گھرن ۾ چار کان پنج فٽ پاڻي بيٺل آھي گھرن اندر پاڻي داخل ٿيڻ سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ پيل آھن ۽ اسان جو کاڌ خوراڪ سميت الھ تلھ ٻڏي ويو آھي جنھن بعد دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته اسان بار بار انتظاميا کي اپيل ڪئي آھي ته اسان جي گھرن مان بيٺل پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي پر ضلعي توڙي تعلقا انتظاميا ڪن لاٽار ڪري رھي آھي با اثر پاران اسان کي زبردستي ٻوڙايو پيو وڃي ھنن سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميان کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور با اثر خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي نيڪال ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏھن ته ڌرڻي جي ٽن ڪلاڪن بعد يوسي درياخان جلباڻي جي معزز شخصيت ڊاڪٽر ذولفقار جلباڻي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي ڪڍرائڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں