لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 26 نومبر تي سڀني کي سرپرائز ملندو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون کي انهن جي پلاننگ جي خبر آهي پر مان اڳتي جي پلاننگ ڪري رهيو آهيان، جنهن کي به آرمي چيف لڳايو مون کي مسئلو ناهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي ٻنهي پاسن کان ڦاسي پئي آهي، جيڪڏهن چونڊون ڪرائي ٿي ته عوام کين موٽ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن چونڊون نٿي ڪرائي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آهي. سندس موجب اسان جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين، ملڪي مسئلن جو حل رڳو نين چونڊن ۾ آهي. عمران خان دعويٰ ڪئي ته مون کي صدر عارف علوي ذريعي پيغام موڪليا ويا آهن پر منهنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيو، ان کانپوءِ سموري ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
