حيدرآباد(پ ر)عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس صدر سيد لعل شاهه جي صدارت هيٺ مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته 24 ۽ 25 ڊسمبر 2022 تي عوامي جمهوري پارٽي جو ٻه روزا مرڪزي ڪائونسل سيشن ڪنب شهر خيرپورميرس ۾ ڪيو ويندو ۽ پارٽي جي شاگرد ونگ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي مرڪزي اليڪشن 04 مارچ 2023 تي ڪيو ويندو اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن ڪرم حسيڻ وساڻ، خادم ٽالپر، ڀائودرمحمد ٻرڙو، دريا خان شيخ، قربان پنهور، ستار سرڪي، لعل محمد چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، نازيا ڀٽي، وجدان سيال، گلاب راءِ، مڪيش ڪمار سميت مرڪزي ڪميٽي ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي سازش پراڻي ۽ سنگين نوعيت جي آهي جيڪو مختلف وقتن تي مختلف صورتن ۾ سنڌي قوم کي پنهنجي ڌرتي تي اڪليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿيندي ٿي رهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي حڪمران سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ ۽ معاشي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ڌاريا آباد ڪيا، انهن کي زمينن ۽ معاشي وسيلن جو ڪنٽرول ڏئي اصلوڪي آبادي کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڌاري آباري جي ڪري سنڌ جي حقِ حاڪميت تان هٿ نه کڻبو ۽ گڏيل جدوجهد جي ذريعي ڌاري آبادڪاريءَ کي روڪيو ويندو ۽ سنڌ مٿان حقِ حاڪميت کي قائم رکندي گڏيل جدوجهد جي ذريعي ڌاري آبادڪاري کي روڪيو ويندو۔ هنن وڌيڪ چيو ته اقتداري سياست جي رساڪشي ۾ هڪ سيٽ کي مقرري لاءِ سنڌ ۾ ٻوڏ تان ڌيان کڻائڻ آهي۔ سنڌ اندر هٿرادو ٻوڏ ۾ هن وقت به عوام دربدر لڳي پئي آهي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي نڪال نه ٿي سگهيو ماڻهن جا گهر نه ٺهي سگهيا۔ سردي جي ڪري ماڻهو ٽينٽن ۾ مختلف بيمارين ۾ وچڙندا وڃن پيا خاص ڪري معصوم ٻار وڌيڪ متاثر ٿين پيا پر حڪومت صرف ڪوڙا دعوا ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ سڄي سنڌ اڄ به دريا جو ڏيک ڏئي رهي آهي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اجلاس ۾ سيوهڻ واقعي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سيوهڻ روڊ حادثو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سنڌ حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جي نااهلي جو نتيجو آهي ٻوڏ دوران ڏنل ڪٽ وٽان روڊ کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪو به اپاءُ ناهي ورتل جنهن سبب حادثو پيش آيو آهي. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.
