ڪنڊيارو(ن س) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي طرفان برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي ٻيهر جمعي ڏينهن پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي بنگلي اڳيان احتجاج جو اعلان، احتجاج طور ايم پي اي جي بنگلي آڏو تئو ٽنگيو ويندو، صفائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ شهر جو ڪچرو ايم پي اي جي بنگلي ۽ ميونسپل آفيس آڏو ڦٽو ڪرڻ جو چتاءُ. ان ڏس ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تعلقي ڪنڊيارو جي برسات متاثرن جي هن وقت تائين ڪا به واهر نه ٿي، هزارين متاثر بي يارومددگار بڻيل آهن، هنن جو چوڻ هو ته پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه سميت چونڊيل نمائندن پاران متاثرن جي واهر نه ڪئي وئي آهي، متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي بنگلي اڳيان سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ پ پ اڳواڻ سيد غلام مرتضيٰ شاهه يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان عوام ۽ ميڊيا اڳيان هڪ هفتي اندر متاثرن جي واهر ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر هفتو گذرڻ باوجود ڪنهن به برسات متاثر جي واهر نه ڪئي وئي آهي، هن جو چوڻ هو ته پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه سموري شهر تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، پر هن قبرستان تي پڻ قبضا ڪيا آهن، شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، پ پ پ ايم پي اي رات جي وقت پنهنجي من پسند ماڻهن کي سامان ڏئي رهيو آهي، متاثرن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر پ پ پ ايم پي اي سميت چونڊيل نمائندن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، متاثرن جي سامان تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، اسان اهڙي عمل خلاف خاموش نه ويهنداسين، متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف هن جمعي تي پ پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي بنگلي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، هوڏانهن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پاران برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪنڊيارو تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر ڪرائي چونڊيل نمائندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي سهيل گهانگهرو، نويد گهانگهرو، صدام گوپانگ، رفيق سنڌي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
