روھڙي(رپورٽ: قمرالدين ميراڻي)روهڙي صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور موجب سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي سنڌ ۾ تازين برساتن جي تباھ ڪارين کانپوءِ فنڊن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ۽ فنڊن جي کوٽ باوجود تمام ترقياتي ڪمن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو روهڙي منهنجو پنهنجو شهر آهي، ڪيٽل ڪالوني ڪافي عرصي کان هلندڙ مسئلو آهي جلد مينھن جا واڙا شھر کان ٻاھر منتقل ڪيا ويندا گرلز ڪاليج به مڪمل ٿي چڪو آهي جتي ناقص مواد جي شڪايت ملي ته اتي ڪارروائي ڪئي ويندي سيد ناصر حسين شاهه پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت کي بي اعتمادي جي تحت ذريعي هٽايو ويو، عمران خان جي گذريل ڏينهن ڏنل انٽرويو ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو آهي عمران خان شڪايت ڪئي آهي ته سندس حڪومت هٽائڻ وقت فوج مداخلت ڇو نه ڪئي هن چيو ته عمران خان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو، عمران خان جو واحد مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ آهي عمران خان هميشه الزامن جي سياست ڪئي آهي، اسان جي ملڪ جي سياست ۾ طاقتور ادارن جو اهم ڪردار رهيو آهي، انهن ادارن کان به غلطيون ٿيون آهن، اهي به ڪنهن کي ڊارون بڻائي ڇڏيندا آهن، عمران خان چوندو هو ته سندس خلاف سازش ٿي رهي آهي هاڻي اهي ان عهدي تان هٽي ويا آهن، مان انهن کان هڪ سوال پڇان ٿو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو ڇا ٿيو؟ آرمي چيف جي مقرري معمول موجب ٿي رهي آهي.ان کي متنازعہ نه بڻايو وڃي پاڪستان جي صدر کي پيغام ڏئي رھيا آھيون ته ھو پنھنجو ڪردار ادا ڪري.
