مانجهند:(ن س)مانجهند لڳ ڳوٺ موسا مريداڻي جي معزز ڳوٺاڻن نوجوانن طرفان سماجي ۽ تعليمي خدمتن تي شاه لطيف علمي ادبي فورم جي اڳواڻن منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن جي گزيٽيڊ فيلڊ آفيسر شفيع ملاح.هاء اسڪول مانجهند جي ايڇ ايم اميربخش لاکي.محمد رحيم مريداڻي جي مان ۾ شاندار آجياڻو مڃتا ثقافتي ڪچهري تقريب رکي وئي.تقريب کي بهترين استاد سماجي اڳواڻ معشوق علي مريداڻي.فقير احمد مريداڻي . زنئوار متارو خان مريداڻي مخاطب ٿيندي چيو ت شاه لطيف علمي ادبي فورم معزز دوستن پنهنجي علائقي لاء سماجي تعليمي خدمتون ساراھ جوڳيون آھن سندن شاندار ڪارنامو تاريخي ڪم مانجهند کي ڊگري ڪاليج ڏيارڻ جفاڪشي سان ايس اين اي ٽيچنگ اسٽاف مقرر ڪرايو علائقي جي سوين غريب شاگردن کي مٿي تعليم حاصل ڪرڻ جو فائدو مليو هي تاريخي ڪم صدين تائين نسل ياد ڪندا تازو مانجهند گرلس مڊل اسڪول ۾ نائين جو ڪلاس شروع ڪرائي مثالي ڪم ڪيو آھي اسانجي ڳوٺ موسا مريداڻي کي مڊل اسڪول جي ضرورت آھي فورم جا دوست پنهنجي ذاتي ڪوششون وٺي مڊل اسڪول قائم ڪرائيندا اسانجو ڀرپور تعاون رهندو.فورم جي اڳواڻن شفيع ملاح اميربخش لاکي محمدرحيم مريداڻي مخاطب ٿيندي چيو ت اسان معزز ڳوٺاڻن جا انتهائي ٿورائتا آھيون جن اسانکي وڏو مان عزت ڏني هنن وڌيڪ چيو ت تعليم هر انسان جو حق آھي تعليم کانسواء انسان ترقي نٿو ڪري سگهي ڳوٺن مان غربت مفلسي تڏھن ختم ٿيندي جڏھن تعليمي ايندي تعليم سان جهالت جهڙي بيماري ختم ٿي سگهي ٿي تعليم انسان جي ٽئين اک اسان سڀني تي فرض آھي ڳوٺن ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرايون انهن جي مالڪي ڪريون جئين ھتان جي ڳوٺن جا معصوم ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم ن رهن.تقريب ۾ فورم جي اڳواڻن آيل مهمان کي اجرڪون اوڍايون ويون.معزز ڳوٺاڻن نوجوانن شرڪت ڪئي.
