موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق، پاڪستان جي آجيان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي ڪوششن کانپوءِ موسمياتي تبديلين سان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل قومن تحت فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن تحت ڪوپ 27 اجلاس ۾ ماحولياتي نقصان جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو، مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٻن هفتن کان جاري ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن مالدار ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ کان مطالبو ڪيو هو ته کين ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪيو و ڃي، ٻن هفتن جي ڳالهين کانپوءِ اهو مطالبو منظور ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين بابت وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهي اجلاس ۾ غريب ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق موسمياتي انصاف جي هدف ڏانهن پهريون قدم آهي. شيري رحمان فنڊ قائم ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته 134 ملڪن لاءِ فنڊ قائم ٿيڻ ۾ 30 سال لڳا، ڪوپ 27 ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ماحولياتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم آهي، فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ته هاڻ پاڪستان فنڊ فعال ٿيڻ جو منتظر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں