حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران” سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻارن جو ادب : نوان لاڙا ،موضوع ۽جديد گهرجون” جي عنوان هيٺ منعقد ڪرايل ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مختلف ٻولين جي ٻاراڻي ادب جي ليکڪن، تعليمدانن ۽ ساڃاهه وندن مطالبو ڪندي چيو آهي تہ ” ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻاراڻي ادب ۽ تربيت لاء الڳ وزارت قائم ڪري ادارا جوڙيا وڃن ۽ جديد سائنسي گهرجن مطابق ٽي وي چئنل کولي ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ وارا پروگرام هلايا وڃن تہ جيئن ٻار دلچسپي سان تعليم، تربيت حاصل ڪري سگهن ۽ مضبوط معاشرو جوڙي سگهجي. “سائنس ،ٽيڪنالاجي ۽ٻارن جو ادب” جي عنوان هيٺ ٿيو، سيشن جي صدارت ڊاڪٽر علي مرتضئ ڌاريجي ڪندي چيو تہ ” دنيا تيز رفتار ريل تي سفر پئي ڪري ۽ اسان وٽ 18 ڪلاڪ بجلي ناهي، ٻاهر وڃي ڏسجي تہ دنيا ڇا آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪٿي پهتي آهي ۽ اسان هتي نقلي شيون پيا استعمال ڪريون، پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي اهڙي صورتحال ۾ اسان ڪيئن مقابلو ڪنداسين. هن چيو تہ اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ نظر انداز ٻار ٿين ٿا اهي مستقبل جا وارث آهن ۽ وڏو ذهين رکن ٿا انهن کي موبائيل ڏئي ڏسو تہ پنهنجي مقصد جو ڪم ڪيئن ٿا ڪن؟ ان لاء ضروري آهي تہ ٻار کي موبائيل سميت جديد شين جو درست استعمال سيکارڻ گهرجي. ڊاڪٽر فياض لطيف چيو تہ ” ٻار اسانجو اثاثو آهن انهن کي مستقبل جون واڳون سنڀالڻيون آهن ان لاء جديد دور جي تقاضائن مطابق سندن تربيت ۽ تعليم اصلاح واري ڏيڻ کپي. هن چيو تہ هن قسم جي ڪانفرنس سان گڏ ٻارن جو ميلو بہ لڳايو وڃي جتي ٻار آزادي سان تفريح وٺي لطف اندوز ٿئي. قائداعظم يونيورسٽي جي استاد ڊاڪٽر منظور علي ويسريي چيو تہ ” ٻاراڻو ادب لکڻ مشڪل آهي ان هوندي بہ ٻاراڻي سنڌي ادب تي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفئ سولنگي پي ايڇ ڊي ڪئي، خالد آزاد ٻاراڻي ادب جي تاريخ کي ٽن ڪتابن ۾ سهيڙيو آهي اهو ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ٻاراڻو ادب پاڪستان جو خوشحال ادب آهي. هن چيو تہ ٻارن لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي جيڪو صرف ٻارن جي ادب تي ڪم ڪري ۽ جديد ٽيڪنالاجي مطابق پروگرام ترتيب ڏي، ان سان گڏ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي هن قسم جون سرگرميون ڪيون وڃن.انٽر جي شاگردياڻي آئشا حميد چيو تہ ” ٽيڪنالاجي اهو فورم آهي جتي سماجي ۽ ثقافتي بحث و مباحثہ ٿيندا آهن، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل رانديون، ڪهاڻيون ۽ ٻيو مواد ٻارن کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿو جنهن ذريعي ٻوليءَ جي سکيا بهتر ٿي سگهي ٿي ان لاء ضروري آهي تہ موبائيل يا ٻين جديد ڊوائسز جو مثبت استعمال ڪيو وڃي. سعيد احمد سميجي چيو تہ ” ٻار جو ڪتاب تائين پهچڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي ويندي آهي ايئن چئجي تہ ڪارٽون ۽ ايمينشن ذريعي ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي ويندي آهي. سيشن جي ميزباني امر فياض ٻرڙي ڪئي… جيئن اڄ جو ٻار سڀاڻي جو صحتمند ۽ مضبوط معاشرو قائم ڪري سگهجي. ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس ۾ ” پاڪستان ۾ لکجندڙ ٻارن جي ادب جو ماضي، حال ۽ مستقبل” جي عنوان هيٺ سيشن ۾ مختلف ٻولين جي ليکڪن ويچار ونڊيا، اردو ٻولي جي نمائندگي ڪندي پروفيسر سليم مغل چيو تہ ” سنڌي ٻاراڻي ادب تي ڪم گهٽيو ضرور آهي پر اهو ٿي رهيو آهي، هي ڪانفرنس ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري ٿو تہ اهو پاسو نظرانداز نہ ٿيو آهي. هن چيو تہ اردو ۾ ٻاراڻا رسالا ايندا هئا ۽ گهڻو ڪجھ لکيو ويندو هو پر اڄ موبائيل جي دور ۾ ترجيحات ۾ تبديلي آئي آهي ان کي ڏسڻو پوندو. ” پنجابي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب بابت ڳالهائيندي لاهور مان آيل پروفيسر اشرف سهيل چيو تہ” پنجابي ۾ هڪ ئي ميگزين 27 سالن کان مستقل ڇپجي رهيو آهي ۽ ان جو ايڊيٽر آئون ئي آهيان ۽ 1979 ۾ پنجابي ٻاراڻي ادب ۾ پهريون ڪتاب ڇپيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي ڪتاب پنجابي ٻولي ۾ ترجما ٿيا.” بلوچي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب بابت نور محمد جمالي چيو تہ ” ڪوئيٽا شهر کان سواءِ جديد ٽيڪنالاجي جي سهولت ناهي، جن علائقن ۾ بجلي ناهي اتي انٽرنيٽ ڪٿان هلندو؟ هن مطالبو ڪيو تہ ٻاراڻي ادب ۽ تربيت لاء باقده وزارت هجڻ گهرجي ۽ ادارا ٺاهڻ گهرجن، سرڪاري سرپرستي ۾ ٻارن جا رسالا ۽ ڪتاب ڇپجن ۽ ٻاراڻي ليکڪن جي همت افزائي ڪئي وڃي. ” براهوي ٻولي جي نمائندگي ڪندي نذير شاڪر بروهي چيو تہ” ٻار جو ادب ماء جي جهولي کان ئي شروع ٿئي ٿو ۽ ٻار جي پهرين تربيت گاه ئي ماء جي هنج آهي. هن مطالبو ڪيو تہ ٻاراڻو ادب بهترين سڀاڻي جو بنياد وجهندو آهي. “سيشن جي صدارت ڪندي الطاف ملڪاڻي چيو تہ ” 1981 کان 85-86 تائين تنظيمون ٻارن لاء ڪم ڪنديون هيون، رسالا ڪڍيا ويندا هئا هاڻ اهو ڪم مڪمل بند آهي. هن چيو تہ ٻاراڻي ادب کي ڪمرشلائيز ڪري ڊجيٽل دور ڏانهن وڃڻو پوندو. هن تجويز ڏيندي چيو تہ ٻاراڻي وزارت ۽ الڳ شعبو قائم ڪيو وڃي. سيشن ۾ اردو ٻولي جي ليکڪ محبوب الاهي پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. سيشن جي ميزباني محمد وسيم خان ڪئي. درسي ڪتابن ۾ موجود ٻارن جو ادب ۽ سنڌيءَ جي تدريس” جي عنوان هيٺ ٿيل سيشن جي صدارت پروفيسر ادريس جتوئي ڪندي چيو تہ ” ٽيڪسٽ لکندڙ ليکڪن جو تعداد گهٽ آهي، تمام گهڻي بهتري جي ضرورت آهي ان لاء ليکڪن جي تربيت ٿيڻ گهرجي. هن چيو تہ نصاب وسيلي اهڙا شاگرد پيدا ڪريون جيڪي تخليقي ذهين جا مالڪ هجن” علي عابد چيو تہ” سڀ کان پهرين ٻار جي هٿ ۾ جڏهن ڪتاب اچي تہ ان جو موضوع ۽ ٽائيٽل دلچسپ هجي تہ ٻار ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ” سيشن ۾ غلام مصطفئ سولنگي ۽ عبدالرحيم ڪلوڙ پڻ مقالا پيش ڪيا. سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻارن جو ادب ” جي عنوان هيٺ سيشن جي صدارت پروفيسر اياز گل ڪئي، جڏهن تہ علي دوست عاجز، غلام محمد غازي، هوش محمد ڀٽي، اياز علي ٻرڙي پنهنجا ويچار ونڊيا، سيشن جي ميزباني ثاقب ابڙي ڪئي.ٻارن جا رسالا ۽ اشاعتي ادارا” جي عنوان هيٺ مذاڪري کي مختلف پبلشرن ۽ اشاعتي ادارن جي نمائندن نذير ناز، انور سومري، هالار نواز ۽ محمد علي ماجد پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو تہ ” هاڻ پڙهڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي، ڪتاب ڇپجن ضرور ٿا پر انهن جون ڪاپيون گهٽ ڇپايون وڃن ٿيون. پيپر سميت ٻين شين جي اگهن وڌڻ ڪري رسالا ۽ ميگزين نٿا ڇپائي سگهجن اهڙي صورتحال ۾ ٻاراڻي مواد جو ڇپجڻ ڏکيو آهي. مذاڪري جي ميزباني واحد پارس هيسباڻي ڪئي.
