ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اڄ مارچ ڪيو ويندو:نياز ڪالاڻي

ڪوٽڙي (ن س) پيپلز پارٽي سنڌ جي نالي تي ڪرپشن پئي ڪري اڄ سنڌ جا اڪثر شهر برسات ۽ ھٿرادو ٻوڏ سبب  پاڻي ھيٺ ٻڏل آهن لکين ماڻهون ڪئمپن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن اڄ حيدرآباد نسيم نگر کان صبح 10 وڳي ڀٽ شاھ تائين ٻوڏ متاثرين جي بحالي لائي مارچ ڪيو ويندو. جنھن ۾ سنڌ جو درد رکندڙ سنڌ دوست اڳواڻ اديب دانشور شاگرد وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا اھڙو اظھار جسقم جي اڳوڻي قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي “۽ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو ڪوٽڙي ۾ سينيئر صحافي ڄامشورو پريس ڪلب جي نائب صدر اسد منڱريو سان سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوء صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ھنن چيو تـ سنڌ جا  شھر اڄ بـ پاڻي ھيٺ ٻڏل آھن پ پ جا وزير ۽ مشير ڪوڙا بيان جاري ڪري چون پيا تـ 70 % سيڪڙو پاڻي نڪري ويو آھي جڏھن تـ حالتون ان جي ابتڙ آھن. ٻوڏ متاثرين جي نالي تي 37 ڪروڙ جي ڊرائي فروٽ جو بل جاري ڪندڙ  سنڌ سرڪار سواءِ ڪرپشن جي ٻيو ڪجھ بـ ناھي ڪيو ان ڪري وقتائتي سنڌي ماڻھن ۾ جاگرتا پيدا ڪري سندن ڪرتوت سامھون آڻجن ان سلسلي ۾ اڄ سنڌ جا ساڃاھ وند قومپرست گڏ ٿي حيدرآباد کان ڀٽ شاھ تائين متاثرين جي بحالي لائي مارچ ڪڍي رھيا آھيون جنھن ۾ سنڌ جي سڄڻن ساڃاھ وند کي شرڪت ڪري سنڌ سرڪار جي ڪيل ڪرپشن ۽ متاثرين جي بحالي لائي ڀرپور آواز بلند ڪرڻ جي ونتي ڪجي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں