پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي جي شاندار ڪارڪردگي

ثناءُ الله شيخ
15 نومبر 2022 کان 18 نومبر 2022 تائين IDEAS 2022 جي نالي سان ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ دنيا جي جديد دفاعي مصنوعات جي شاندار نمائش ٿي گذري، جنهن ۾ دنيا جي جديد دفاعي ٽيڪنالاجي جي نمائش، بين الاقوامي سيمينار، آئيڊياز ڪراچي شو، B2B ۽ B2G جي ڪاروباري توسيع ۽ نيٽ ورڪنگ شامل رھيا. آئيڊياز 2022 نمائش ۾ دنيا جي دفاعي صنعتن ۽ جديد ٽيڪنڪي ايجادن کي ڏسڻ لاء، اعلي سول، فوجي وفدن، واپاري سياحن ۽ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ جي چيئرمين بخش علي لاکو، اسڪول جي پرنسپال ڪرنل رفيق حسين گهوٽو ( رٽائرڊ)، وائيس پرنسپال ڪرنل ناصر حسين، اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر فار گرلز عابده، اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر فار بوائز ايل ڊي راجپر سميت استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. 15نومبر 2022 تي IDEAS نمائش جي شاندار افتتاحي تقريب کانپوءِ پهريون ۽ ٻيون ڏينهن اعلي فوجي وفدن، واپاري سياحن ۽ نيٽ ورڪنگ لاء مختص ڪيا ويا. آئيڊياز 2022 کي خاص طور تي ملھائڻ لاء پاڪستان پوسٽ سروسز جي وزارت طرفان 20 رپين رپين جو ھڪ يادگار پوسٽ اسٽيمپ پڻ جاري ڪري نمائش ۾ رکيو ويو. آئيڊياز 2022 ماضي جي مقابلي ۾ ھن دفعي جديد ٽيڪنڪي مصنوعات جي نمائش ۾ پنھنجا رڪارڊ ٽوڙي ثابت ڪيو ته پاڪستان دنيا جي جديد ترين ملڪن مان ھڪ آهي. جديد ٽيڪنڪي مصنوعات جي نمائش کي پبلڪ اسڪول گڏاپ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڏسي ڏاڍو لطف اندوز ٿيا ۽ ميڊيا جي مختلف ماڻهن سان پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اسين پنھنجي پرنسپال ڪرنل رفيق حسين گهوٽو (رٽائرڊ) جا نھايت ئي شڪر گذار آھيون جنهن اسان کي نمائش ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪيو، نمائش ۾ رکيل سڀني جديد مصنوعات کي ڏسي اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ اسان نمائش مان تمام گهڻو متاثر ٿيا آھيون، اسان جو ملڪ پاڪستان ھر قسم جي جديد ٽيڪنڪي دفاعي مصنوعات سان مالا مال آهي. اسين سلام پيش ڪريون ٿا پاڪ فورسز کي جن ھن قسم جي نمائش جو احتمام ڪيو آھي ۽ پاڪ فوج، آرمي، نيوي ۽ ايئر فورسز جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ملڪ جي دفاعي نظام کي بهتر بڻايو آهي، انھن شين کي ڏسي اسان جي اندر ۾ پڻ اھا خواھش جاڳي ٿي ته مستقبل ۾ پاڪ فورسز ۾ شموليت اختيار ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريون. وقتا با وقتا شاگردن ۽ شاگردياڻين پاڪ فوج زنده آباد پاڪستان پائينده آباد جا نعرا ھڻي پنھنجن جذبن جو اظهار ڪيو. نمائش جي مختلف شعبن جو تعارف ڪرائيندي پرنسپال ڪرنل رفيق حسين گهوٽو (رٽائرڊ) چيو ته ماضي ۾ پاڪ فوج سروس دوران انھن سڀني شعبن ۾ پنھنجي ملڪ جي دفاعي نظام کي بھتر بڻائڻ ۾ مان پنھنجو خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهيان، جنهن ۾ ملڪ جي مضبوط ترين دفاعي مصنوعات ۾ ٽئنڪ جي جوڙجڪ ۽ مرمت کي جديد ٽيڪنڪي انداز ۾ شامل ڪرڻ پڻ آهي. ڪرنل صاحب شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت پنھنجي سموري سٿ کي پنھنجن نون، پراڻن ۽ ھمعصر فورسز جي ساٿين سان پڻ تعارف ڪرايو ۽ انهن متعلق ڄاڻ ڏني. آئيڊياز 2022 نمائش جي بانيڪار طرفان، پرنسپال ڪرنل رفيق حسين گهوٽو (رٽائرڊ) ۽ ان جي سموري سٿ جي مان ۾ تعارفي تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ نمائش جي بانيڪار خطاب ڪندي ڪرنل صاحب ۽ سموري سٿ جا ٿورا مڃيدي چيو ته نمائش ۾ اوھان سڀني جي شموليت اسان لاء باعث افتخار آھي، ڪرنل رفيق صاحب جن جا وڏا احسان جن اسان جي پروگرام پنھنجي اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شموليت ڪرائي اسان کي مان بخشيو. ھن نمائش جو مقصد صرف جديد ٽيڪنڪي دفاعي مصنوعات جي ڏيکاء تائين محدود نه آھي بلڪ نمائش ۾ رکيل سڀني شين متعلق قوم کي پڻ آگاهي ڏيڻ آھي. مستقبل ۾ ھن نمائش کي اسان اسڪولز تائين وسعت پڻ ڏينداسين ته جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پڻ ملڪ جي دفاعي نظام بابت شعور وڌي. پرنسپال ڪرنل رفيق حسين گهوٽو (رٽائرڊ) سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جذبي کي ساراھيندي چيو ته ٻار مستقبل جا معمار ھوندا آھن انھن جو مستقبل استاد ئي سنواريندا آھن. اسين انهن جي بھتر تعليم ۽ تربيت جا ضامن آھيون. تقريب کي خطاب جاري رکندي وڌيڪ چيو ته شاگردن ۽شاگردياڻين جو پاڪ فورسز ۾ شموليت ۾ انھن جي تياري لاء اداري طرفان ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن ھو استادن سميت پنھنجي والدين، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي چيئرمين بورڊ آف گورننس بخش علي لاکو آئيڊياز 2022 نمائش جي شاندار ڪاميابي تي پاڪ فورسز جي سموري سٿ کي مبارڪون ڏنيون ۽ اسڪول جو تعارف ڪرائيندي چيو ته پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي 2012 کان پنھنجو نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون جاري رکندو پيو اچي، ھن قسم جون نمائشون شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بھتر مستقبل لاء اتساھ آھن. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته منهنجي اسڪول جا ٻارڙا شعوري طور تي نمائش ۾ رکيل جديد ٽيڪنيڪي دفاعي مصنوعات متعلق ڄاڻ رکن ٿا، ۽ مستقبل ۾ پاڪ فورسز ۾ شموليت جو جذبو ظاهر ڪن ٿا. مونکي فخر آهي پاڪ فورسز جي آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جي جوانن تي جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاء ڏينهن رات ھڪ ڪري سخت کان سخت مشڪلاتن سان منهن ڏئي ملڪ جي حفاظت لاء ھميشہ ڪوشان رھن ٿا. اڄ اسان جيڪڏهن پوري دنيا ۾ بيخوف ٿي گهمي رهيا آھيون ته ان جو سمورو ڪريڊٽ اسان جي ملڪ جي فورسز ڏانهن ئي وڃي ٿو. تقريب جي اختتام تي آئيڊياز نمائش جي بانيڪار طرفان اسڪول جي چيئرمين بورڊ آف گورننس بخش علي لاکو ۽ پرنسپال ڪرنل رفيق حسين گهوٽو (رٽائرڊ) کي آئيڊياز سووينيئر پيش ڪيا ويا ۽ استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاء ريفريشمينٽ جو بندوبست ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں