ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي جي مخدوم امين فھيم بوائز ھاسٽل جي پاڻي جو موٽر سڙي وڃڻ سبب ٻن ڏينھن کان پاڻي سپلاءِ بند ٿي وئي آهي جنهن سبب شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي ھاسٽل مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ۽ هاسٽل انتظاميا جي نااهلي خلاف پڻ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن ذاڪر زرداري، اياز نوحاڻي، بابر بروھي، آصف رودناڻي، مظھر رند ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل 2 ڏينهن کان ھاسٽل ۾ پاڻي جو موٽر سڙي ويو آھي نااھل هاسٽل انتظاميا کي خبر ھجڻ باوجود موٽر نه پيو ٺهرايو وڃي جنهن سبب گذريل ٻن ڏينهن کان پيڻ جي پاڻي لاء دربدر آهيون، هنن چيو ته ڪيترائي هاسٽل پرووسٽ آفيس ۾ وڃي اتي موجود پرووسٽ ۽ عملي کي اطلاح ڪيو آهي پر صرف اهو چئي موٽائي ڇڏين ٿا ته ها موٽر ٺهرايون ٿا، احتجاج ڪندڙ شاگردن اڳواڻن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ تعليم ادارا جديد ٽيڪنالاجي سان ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيا آهن ۽ اتي جا شاگرد پنهنجي سڄي توانائي صرف ۽ صرف پڙھائي تي خرچ ڪري رهيا پر افسوس جو اسان جي يونيورسٽين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ مياري کاڌن جون سهولتون به نه آهن جنهن سبب هتي جا شاگرد پڙهائي وڌيڪ ان بنيادي سهولتن لاء مجبورن سراپا احتجاج رهيون ٿا، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي استادن کي اضافي انتظامي پوسٽون ڏئي شاگردن مٿان مڙهيو ويو آهي جيڪي نه ته ڪلاسن ۾ شاگردن کي پڙهائن ٿا ۽ نه ئي انتظامي معاملا حل ٿا ڪري سگهن نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي تعليمي نظام سميت انتظامي معاملا به رولهڙي جو شڪار آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته يونيورسٽي ۾ اضافي انتظامي پوسٽن تي ويٺل استادن کي هٽايو وڃي ۽ جلد سڙيل موٽر ٺھرائي ھاسٽل جو پاڻي بحال ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
