واهي پانڌي(ن س) ڪاڇي جي ڳوٺ سيوو جمالي ۾ تعليم تباھ، ڳوٺ جا سمورا اسڪول بند، ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻن لڳا، اسڪول ۾ مقرر ملازم بااثر هجڻ ڪري ڪارروائي کان آجا. ڪاڇي جي ڳوٺ سيوو جمالي ۾ تعليم مڪمل طور تي تباھ برباد ٿي وئي. ڳوٺ ۾ قائم بوائيز پرائمري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول ڪيترن سالن کان بند پيل آهن. اسڪول ۾ مقرر ماستر ۽ ٻيو عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ ۾ مصروف آهن اسڪول ۾ مقرر عملو بااثر هجڻ ڪري تعليم کاتي جي آفيسرن جي ڪارروائي کان آجا آهن . اهڙي صورتحال سبب ڳوٺ ۽ آس پاس جا ٻار تعليم پرائڻ کان محروم بڻيل آهن سندن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته اسڪول ۾ مقرر ماستر پنهنجا اين جي اوز ادارا قائم ڪيو ويٺا آهن جڏهن ته ڪجھ استادن جو تعلق ميڊيا سان آهي جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان اسڪول ۾ مقرر ٿيل آهن پر اهي هر دور حڪومت ۾ ڪاروائي کان آجا رهيا آهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو ڇوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ قائم اسڪول بند آهن . ڪو به ماستر ڊيوٽي تي نه ٿو اچي جنهن سبب اسان جي معصوم ٻارن جو تعليم مڪمل طور تي تباھ آهي .اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم جي صورتحال بابت تعليم کاتي جي بالا آفيسرن کي بار بار شڪايتون ڪيون پر اڄ ڏينهن تائين اسڪول ۾ مقرر عملي خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي .ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ سيوو جمالي ۾ تعليم دشمن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ ماسترن ۽ ٻي عملي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ڳوٺ جا اسڪول کوليا وڃن ته جئين ٻارن جو مستقبل وڌيڪ تباھ برباد ٿيڻ کان بچي سگهي.
