آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم جو خط بچاءَ واري وزارت وصول ڪري جي ايڇ ڪيو ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي: وزير دفاع

اسلام آباد (بيورو) بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 25 هين نومبر تائين  آرمي چيف جي مقرري جو عمل مڪمل ٿي ويندو، سينيئر موسٽ پنج يا ڇهه نالا ايندا انهن مان ئي فائنل ڪيو ويندو. آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم جو خط بچاءَ واري وزارت وصول ڪري جي ايڇ ڪيو ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. قومي اسيممبلي ۾ خطاب ڪندي خواجه آصف چيوته پاڪ فوج جي اعليٰ ترين مقرري جو عمل اڄ کان شروع ٿي چڪو آهي، انشاءَ الله جلد سموريون آئيني گهرجن موجب اهو عمل مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان سمري اڃا وزيراعظم هائوس ۾ نه آئي آهي، آرمي چيف جي مقرري جي سمري سڀاڻي يا پرين اچي ويندي، جڏهن سمري ايندي ته ان سان گڏ ڊوزيئر به ايندو، اُن ۾ ھڪ يا 2 ڏينھن لڳي ويندا، پر اھو عمل جلد مڪمل ٿي ويندو. بچاءَ واري وزير چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، ان ڪري جڏهن سمري ايندي ته نالن تي ڳالهه ٻول ٿيندي، جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري 25 نومبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته  سينيئر موسٽ پنج يا ڇهه نالا ايندا ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، فلحال ان معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظ۾ مڪمل صحتياب ٿي چڪو آهي، ساڻس ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي موجودا حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں