اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس خاندان جا ٽيڪس تفصيل ليڪ ٿيڻ جي معاملي جو ناڻي واري وزارت نوٽيس ورتو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس خاندان جا ٽيڪس تفصيل غير قانوني طور تي ليڪ ٿيڻ جي معاملي جو سنجيدگيءَ سان نوٽيس ورتو آهي. پڌرائيءَ موجب اسحاق ڊار ٽيڪس تفصيل ليڪ ٿيڻ کي قانون جي واضح ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ايف بي آر کي معاملي جي فوري طور جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ناڻي واري وزير 24 ڪلاڪن ۾ وزيراعظم جي روينيو بابت صلاحڪار طارق پاشا کي ذميوارن جو پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته جنهن اڻڄاتل ذميوار اهي اطلاع ليڪ ڪيا، اها ان جي سنگين غلطي آهي، طارق پاشا ان معاملي جي ذاتي طور تي بنا دير انڪوائري ڪري.
