دادو(ڊ ر) سنڌ اسيمبلي ۾ قانون، پارلياماني معاملن ۽ انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق پ پ پ ايم اين اي سردار سڪندر راهپوٽو سان سندس سئوٽ جي وفات تي سندس ڳوٺ پھچي ساڻس تعزيت ڪري دعا مغفرت ڪئي، جڏھن تہ ايم پي اي بئريسٽرپير مجيب الحق استاد ارشاد پنهور وٽ پيارو ڳوٺ پھچي سندس سئوٽ جي وفات تي تعزيت ڪري چيو تہ هن ڏک جي گهڙي ۾ سندس وارثن سان برابر جاشريڪ آھيون الله تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلىٰ مقام عطا فرمائي، ان موقعي تي اسٽاف آفيسرامداد حسين ڏاوڇ، شھمير خان چهواڻ، سي ايم او اياز پنهور، پي اي روشن علي چانڊيو ۽ ٻيا پارٽي ورڪر گڏ ھئا.
