سامارو(ن س ) 2013 ۾ ڪراچي ۾ قتل ٿيل مشهور سماجي شخصيت ۽ او پي پي جي آپا پروين رحمان جي قاتلن جي سزا معاف ڪرڻ خلاف سامارو ۾ سماجي تنظيم ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج , سزا برقرار رکڻ جو مطالبو. سامارو پريس ڪلب سامهون سماجي تنظيم ايس آر ڊي او پاران ڪراچي ۾ قتل ٿيل ناليواري سماجي اڳواڻ آپا پروين رحمان جي سزا يافتہ قاتلن جي سزا معاف ڪرڻ ۽ قاتلن جي رھائي خلاف احتجاج ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ سماجي تنظيم سنڌ رورل ڊيوالپمينٽ آرگنائيزيشن SRDO سامارو جي فقير محمد شاهاڻي, منير احمد, اسد الله, ۽ سماجي اڳواڻن روشن بهراڻي، نور محمد خاصخيلي، صحافين جئپال مالھي، علي محمد شيدي, انتظار نبي قائمخاني، خادم سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ قتل ٿيل مشهور سماجي اڳواڻ عورت ۽ اورنگي پائيلٽ پروجيڪٽ جي چيئرپرسن آپا پروين رحمان کي 2013 ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو ھو، جنهن جي قاتلن تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سزا پڻ ٻڌائي وئي، جيڪي جيل ۾ آھن، جيڪا سزا اڄ ختم ڪئي وئي آهي، جيڪو غلط ۽ خطرناڪ عمل آهي، انهن وڌيڪ چيو ته سزا ۾ آيل رحمان سواتي ۽ ٻيا جوابدار اگر آزاد ٿي ويا ته ٻيهر سماجي تنظيم او پي پي جي ملازمن ۽ آپا پروين جي خاندان کي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، احتجاج ڪندڙن چيو ته سزا برقرار رکي وڃي، جيستائين اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ انتظاميا سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي سگهي .
