سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي ٻن شاگردياڻين جي ڪتابن جو مهورت ڪيو ويو

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي ٻن شاگردياڻين پاران لکيل ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ انگريزي ادب جي آخري سال جي شاگردياڻي تحريم جتوئي جي ناول تي مشتمل ڪتاب “دي پنڪ ڪُو” (گلابي بغاوت) ۽ انگريزي لسانيات جي ٻئي سال جي شاگردياڻي اريبا علي جي شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪتاب “ڪنفلڪٽنگ اموشنس” (متضاد جذبات) جو مهورت ڪيو ويو. تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي ڊائريڪٽر پروفيسر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري ٻنھي ليکڪائن تحريم جتوئي ۽ اريبا علي جي ڪتابن جو مهورت ڪيو. ٻئي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيل آهن. 96 صفحن جي ناول تي مشتمل ڪتاب “گلابي بغاوت” جي پاڪستان ۾ قيمت 1200 رپيا ۽ 64 صفحن تي مشتمل ڪتاب “متضاد جذبات” جي قيمت 650 رپيا مقرر ڪئي ويئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں