عمران خان ذاتي مفادن خاطر ملڪ ۽ ٻوڏ متاثرن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (بيورو): اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سي او پي 27 گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ نقصان جو فنڊ قائم ڪيو آھی ، جيڪو هڪ انتهائي اهم عالمي مسئلو هو. مان پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف اسان جو پرڏيهي وزير عالمي سطح تي ٻوڏ متاثرن جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، جنهن جي موقف کي دنيا به  تسليم ڪيو آهي. ان جي ابتڙ، اڳوڻي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بياني کي سخت ڌڪ رسايو آهي. ٻوڏ کانپوءِ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي هيون، پرڏيهي سربراھ ۽ عالمي اين جي اوز پاڪستان اچي رهيون هيون. هن شخص جعلي لانگ مارچ جو ڊرامو رچائي ملڪ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جنهن سڄي دنيا جو رخ موڙي ڇڏيو. بين الاقوامي تنظيمن پنهنجا پروگرام روڪي ڇڏيا. عمران خان پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ملڪ ۽ ٻوڏ متاثرن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. اڄ به لکين ماڻهو مدد جا منتظر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن سي او پي 27  جي جي قدم  کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ان سان ترقي پذير ملڪن کي فائدو پهچندو ۽ موسمياتي تبديليءَ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿي سگهندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. ان قدم سان ڪڻڪ پوکيندڙ هارين جي حوصلا افزائي ٿي آهي، جنهن سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ ايندڙ ڪڻڪ جي سيزن ۾ پاڪستان کي ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو بڻائيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اڄ کان سروي جي ڪم جي شروعات ٿي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سختي سان هدايت ڪئي آهي ته جيڪي هاري ڪڻڪ جي پوکائي ڪري رهيا آهن انهن سمورن هارين کي فوري طور تي 5،5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏنا وڃن. هن چيو ته گهرن جي تعمير تي بہ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ 20 لک کان وڌيڪ متاثرين جا گهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرن جي نالي تي جيڪو به چندو گڏ ڪيو، اهو لانگ مارچ ۽ سوشل ميڊيا جي مڪروھ مهم تي خرچ ڪيو. صوبائي وزير چيو ته هو ايف آءِ اي ۽ نيب کي اپيل ڪري ٿو  ته پي ٽي آءِ پاران ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتل امداد جو آڊٽ ڪيو وڃي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته اها رقم ڪيڏانهن وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪالهه ڪهڙي قانون تحت چيو آهي ته ادارن موجوده اتحادي پارٽين کي حڪومت ٺاهڻ کان ڇو نه روڪيو. هڪ چونڊيل اسيمبلي موجود آهي، جتي اتحادي پارٽين جي اڪثريت  آهي، انهن کي آئيني ۽ قانوني حق حاصل  آهي ته هو ڪنهن کي به وزيراعظم جي عهدي لاءِ چونڊي سگهن. هن چيو ته هن ملڪ جي قانون ۽ ادارن کي متحرڪ ٿيڻ کپي. هڪ شخص کليل طور تي ادارن کي غير آئيني ۽ غير قانوني قدم کڻڻ جو چئي رهيو آهي. هن چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي ته عمران خان اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان ملڪ جي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو  آهي. هن جعلي خط تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، هو ادارن تي الزام هڻندو رهيو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان لانگ مارچ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ادارن تي الزام هنيا. هن چيو ته هو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سموري عدليه کي اپيل ٿو ڪري ته عمران خان جي آئين جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي کيس عدالت جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي.  هن چيو ته عمران خان جو احتساب ٿيڻ گهرجي، سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته باقي ماڻهن کي ڪوڙي الزامن تي جيل ٿي ويندي آهي، هن شخص ۾ ڪهڙا سرخاب جا پر لڳل آهن. هن شخص تي ڏوهه ثابت ٿيل آهن، هي شخص هر قسم جي سنگين ڏوهن ۾ ملوث رهيو آهي. ڪينسر اسپتال جي نالي تي، اسڪولن جي نالي تي چندو هضم ڪري ويو آهي. پرڏيهي فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيو آهي. ان شخص کي آزاديءَ سان گهمڻ جي اجازت آهي ،  ائين نه ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  ڊي سي مٽياري ۽ ملوث آفيسرن کي موٽر وي فنڊ ڪيس ۾ معطل ڪيو ويو  آهي. ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، گرفتاريون به ڪيون ويون آهن، جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سيوهڻ حادثي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي غفلت ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت انڊس هاءِ وي کي ڊبل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي 10 ڀيرا خط لکيا پر ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں