قمبر ۾ واپاريءَ کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي: سنڌ بلوچستان رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ بلوچستان رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ ۽ جنرل سيڪريٽري اسد علي تنيو قمبر ۾ امام رضا رائيس مل جي واپاري عاشق علي خاصخيلي جي منشي اعجاز علي مغيري کان هٿيارن جي زور تي 15 لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام حسين خاصخيلي سان رابطو ڪري کيس ڦر واقعي بابت تفصيلي طور آگاهي ڏيندي جلد ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي ايس ايس پي کين خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي ويندي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں