لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي سي ايل جي رٽائرڊ پيشنر ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن اياز حسين جعفري، لياقت علي، احمد علي، عبدالوهاب عباسي ۽ ٻين چيو ته سپريم ڪورٽ جي 12 جون 2015 واري فيصلي تي عمل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي پينشرن کي مڪمل ادائگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت پاڪستان اسان جي ضامن آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي وفاقي حڪومت کي عمل درآمد ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۽ سينيٽ آف پاڪستان جي قائم ڪاميٽي جي فيصلن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري لکين پينشرن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. هنن وزيراعظم شهباز شريف، مواصلات کاتي جي وفاقي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سالانه وڌيڪ پيشن جي رقم ڏني وڃي، بيواهه پينشرن کي 2010 کان قانون موجب پنهنجو حق ڏئي پينشنرن کي 75 سيڪڙو واڌ جي رقم ڏني وڃي، 72 سالن کان وڌيڪ عمر جي پينشرن جي پيشن ۾ اضافو ڪيو وڃي، پي ٽي سي ايل سيل پرچيز ايگريمينٽ 2006ع تي عمل ڪري ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
