علي محمد ميمڻ
گڏيل قومن طرفان مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گذريل ٻن هفتن کان هلندر”ڪوپ 27 ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ موسمياتي تبديلين سان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل قومن تحت فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان ڏس ۾ معاهدا ڪيا ويا . دنيا ۾ماحولياتي تبديلين سبب سال 2022ع ۾پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ هاڃيڪارين، معاشي ۽ انساني نقصانن واري الميي واري ڪيس جو اقوام متحده جي مدد سان نبيرو ڪيو ويو ۽ ماحولياتي تبديلين جي جاري هاڃيڪارين ۽ مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين جي نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن سانحن جي ذميوار ملڪن کي جوابدار قرار ڏيڻ ۽ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۽ قومن جي نقصانن جي ذميواري کڻڻ ۽ نقصان ڀري ڏيڻ جي حوالي سان تمام اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن موجب مستقبل ۾به ٿيندڙ ماحولياتي تباهه ڪارين ۾امداد ۽ مدد مهيا ڪرڻ لاء گڏيل قومن واري عالمي فورم تحت مستقل ادارو پڻ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ماحوليات تبديلي واري ڪيس ۾پاڪستان سميت ٻين ملڪن طرفان دنيا جي صنعتي ۽ مالدار ملڪن طرفان دنيا جي ماحول کي نقصان پهچائڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي هئي۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ ملڪنکان مطالبو ڪيو ويو هو ته ماحولياتي تبديلين سبب هنن جي ملڪن ۾ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ کين تحفظ مهيا ڪيو وڃي. ڪانفرنس جي فيصلن ۽ لاڀائتن نتيجن موجب گڏيل قومن جي ماحوليات بابت سربراهي اجلاس ۾ غريب ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق موسمياتي انصاف جي هدف ڏانهن گڏيل قومن جي تاريخ جو باقاعدي نموني هي پهريون قدم قرار ڏنو ويو آهي.
پاڪستان ۾ماحوليات جي عالمي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي سبب ۽ وڏي پيماني تي هاڃيڪار برساتن ۽ ٻوڏن سبب تمام وڏا نقصان ٿيا آهن جنهن تي سموري دنيا حيران ۽ پريشان آهي. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل مسٽر انتونيو گوتريس ۽ عالمي اداري جي ماهرن جي ٽيم سان گذريل مهينن ۾پاڪستان جي تفصيلي دوري دوران اسان جي ملڪ ۾ ٿيل ماحولياتي تباهه ڪارين کي پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪيو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جناب انتونيو گوتريس جي پاڪستان جي دوري ۽ متاثر خطي جي علائقن جو معائنو ڪرڻ بعد سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين سان دنيا کي تمام وڏا خطرا لاڳو ٿي ويا آهن، موسمياتي تبديلي سبب غير معمولي برساتون تباهي آڻي رهيون آهن، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي آئي آهي، جنهن جي ذميواري دنيا جي شاهوڪار ملڪن تي لاڳو ٿي ٿئي جن جي وڌ ۾ وڌ ناڻو ڪمائڻ جي هوس ڪري دنيا جي ماحوليات کي خراب ڪيو ويو آهي جنهن جو وڏو شڪار پاڪستان ٿيو آهي جنهن جو دنيا جي ماحوليات تي اثر هڪ سيڪڙو به ناهي. يو اين جي سيڪريٽري جنرل مسٽر انتونيو گوتريس طرفان شاهوڪار ملڪن کي مڪمل طور تي ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ انهن ماحولياتي تباهه ڪارين جي ذميوار ملڪن کي پاڪستان جو نقصان ڀري ڏيڻ جي پڻ گهر ڪئي وئي هئي.
سنڌو ماٿريء واري اسانجي قديم ملڪ جنهن کي قديم مهراڻ ماٿر پڻ چيو ويندو آهي، هن خطي ۾ قديم زماني ۾ ٿيندڙ وڏين برساتن ۽ درياهن واري ملڪ طور پڻ سڃاڻپ رهي آهي ۽ هن خطي ۾ گذريل پنجاهه کن سالن کان گهڻين برساتن ۽ ٻوڏن وارو پراڻو سلسلو ته بند ٿي ويو آهي پر دنيا ۾هاڻوڪي ماحولياتي ۽ موسمياتي ڦير گهير سبب وري وقفي وقفي سان وڏين برساتن ۽ ٻوڏ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪجهه مهينا اڳ ملڪ ۾ جيڪي رڪارڊ برساتون پيون اهي سموري ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن لاء تمام گهڻيون هاڃيڪار هيون ۽ وڏين تباهين جو سبب بنجي ويون. هيڏين وڏين برساتن جو سموري ملڪ ۾ هيٺاهين وارو سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو ايراضي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ مون سون واري موسم ۾ عالمي موسمياتي تبديلي ڪري ٿيل تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏن سبب تمام وڏا نقصان ٿيا آهن. حڪومت طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي دنيا آڏو پيش ڪيل پنهنجي پڌرائي موجب، موسمياتي تبديلين واري غير معمولي صورتحال ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2022ع جي سانوڻي يا مون سون واري موسم ۾ ٿيل رڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي جيڪو پوري برطانيا جي ايراضي جي برابر آهي، مليل رپوٽن موجب، هيڏي وڏي ٻوڏ ڪري سموري ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ لڳ ڀڳ اڌو اڌ آبادي سوا ڪروڙ سنڌ جو عوام متاثر ٿيو آهي.. ملڪ جي گڏيل انگن اکرن موجب موسمياتي تبديلي سبب ٿيل ريڪارڊ برساتن ۽ ٻوڏ جي هاڃيڪارين ۽ انهن جي اثرن 6 ڪروڙ پاڪستانين کي متاثر ڪيو آهي. رپورٽن موجب، تازي ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 17 لک گهر، 12 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل رستا، 350 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ فصل تباهه ٿي چڪا آهن۽ ٻوڏ سبب اٽڪل 30 ارب ڊالر ماليت جو نقصان ٿيو آهي.جڏهن ته ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون ۽ هزارين ڳوٺن، وسندين ۽ شهرن جا بنياد ئي ڊهي پوڻ سان هن خطي ۾ وڏو انساني الميو پيدا ٿي رهيو آهي.
ماحولياتي تبديلين جي هاڃيڪارين بابت گڏيل قومن جي ڪوٺايل هن ڪانفرنس ۾ عالمي برادري جي ڪيل فيصلن جي حوالي سان آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ولسن سينٽر جي ڊائريڪٽر مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ هو ته جي 77 جي سربراهه طور پاڪستان ڪوپ 27 ۾ اهم معاهدو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ هو ته پاڪستاني نمائندن جي ڪوپ 27 ۾ ڪيل اهم معاهدي تحت موسمياتي تبديلين بابت نقصانن لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ڪڏهن به اهو معاملو باضابطا طور ڪوپ سربراهه اجلاس جي ايجنڊا تي نه آندو ويو. هن چيو ته پاليسي سطح تي اها اسلام آباد جي وڏي ڪاميابي آهي، ناقد چوندا ته اهو پنهنجي بچاءَ لاءِ وڙهندڙ ڪمزور حڪومت لاءِ ڪجهه به ناهي پر اهو ماحولياتي انصاف ڏانهن اهم قدم ۽ ترقياتي قومن طرفان هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. شيري رحمان جو فنڊ قائم ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته 134 ملڪن لاءِ فنڊ قائم ٿيڻ ۾ 30 سال لڳا، ڪوپ 27 ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ماحولياتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم آهي، فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ته هاڻ پاڪستان فنڊ فعال ٿيڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان شيري رحمان جي ڪاوشن ۽ محنتن جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي آهي. ملڪ جي سمورن متاثرن ۽ خاص طور تي برساتن ۽ ٻوڏن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ صوبن سنڌ ۽ بلوچستان لاء يقيني عالمي سطح تي ٿيل اهي فيصلا اها سٺي خبر آهن. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ هاڻي اڳ وانگر بي يار مددگار نه ٿيندو ۽ هر ڏک ۽ سک ۾ عالمي برادري ۽ دنيا جي ملڪن ۽ قومن کي ماحولياتي هاڃيڪارين جي مستقل تباهه ڪارين واري حالتن ۾ ڏکئي وقت ۽ آزمائشن واري دور ۾ معاهدي موجب عالمي برادري کي پنهنجي طي ڪيل ذميوارين تحت متاثر ٿيندڙ ملڪن جي واهر ڪرڻ، ازالو ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ مدد ڪرڻ واري عالمي قانون تحت پابند ۽ ذميوار قرار ڏئي جيڪي فرض لاڳو ڪيا ويا آهن . ماحولياتي تبديلين واري هن عالمي ڪيس کي ڪوپ ۽ هاڻي انهي سرشتي موجب ماحولياتي تبديلن ۽ انهن سبب ٿيندڙ هاڃيڪارين جي ڪيس جو ”ڪوپ 27 ڪانفرنس“ ۾بهتر نموني اڪلاء ڪيو ويو آهي ۽ دنيا کي ماحولياتي انصاف حاصل ٿيڻ لاء رستا هموار ٿي ويا آهن، انهيء عالمي معاهدي ۽ فيصلن کي ساراهيون ٿا ۽ انهن تي سندن روح موجب عملدرآمد ڪرڻ جي اميد رکون ٿا.#
Email. alimemonlive@yahoo.com