مخدوم امين فهيم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسان گڏ ٿيا آهيون: مخدوم جميل الزمان

ڀٽ شاهه(ن س)هالا ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ درگاھ سرور نوح جي اڳوڻي گادي نشين برک سياستدان مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ستين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين، مريدن، سروري جماعت جي خليفن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ورسي جي موقعي تي درگاهه سرور نوح تي قرآن خواني ڪرائي مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ دعا ڪري لنگر نياز تقسیم ڪيو ويو ۽ مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان به مزار تي پھچي چادر چاڙهي دعا گهري ۽ مريدن کي زيارت ڪرائي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته مخدوم امين فهيم ملڪ جي هڪ وڏي اهم سياسي شخصيت هئا پنهنجي ملڪ ۽ پارٽي سان نڀايو نهايت ئي نفيس انسان هئا اڄ ان جي ستين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهڪاري سبب هن سال مخدوم امين فهيم جي ورسي سادگي سان ملهائي وئي آهي. سکر، حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي مٽياري بئنڪ مان نڪتل وڏي رقم جنهن ۾ مخدوم هائوس کي نشانو بڻايو پيو وڃي ان لاءِ ٻه پريس ڪانفرنسون رکيون وينديون جنهن ۾ سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون، ميگا ڪرپشن واقعي جي تحقيقات هجڻ گهرجي ۽ جيڪو به ڪرپشن ۾ ملوث هجي ان خلاف قانوني ڪارروائي ضرور ٿئي سندس پي اي اسلم پيرزادو کي اڳواٽ پنهنجي ضمانت نه ڪرائڻ گهرجي ها سندن ذاتي ڪردار ڪشي ڪندڙن کي اڄ بابا سائين جن ورسي جي موقعي تي کين معاف ڪندي سروري مريدن کي منع ڪريان ٿو ته هو به ڪنهن جي خلاف نه ڳالهائين، ان موقعي تي سيد خاور حسين شاه ، محمد خان جوڻيجو، مير مسرت جعفري، گل محمد پنهور ۽ ٻيا به موجود هئا، ٻي پاسي مخدوم امين فهيم جي ورسي ۾ ڪنهن به پارٽي اڳواڻ شرڪت  نه  ڪئي وئي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں