ملير(ڊ.ر) گهگهر ڦاٽڪ جي ٽنڊو کوسو ڳوٺ جي رهواسي 21 ڏينهن اڳ کنڀي کڻي گم ڪيل نوجوان تاج محمد کوسو جي وارث عورتن ماءُ فاطمه کوسو، زال عروسا، ڀيڻ بابره ۽ ڏاڏي ارباب خاتون سميت ٻين وارث عورت ۽ ٻارڙن بازيابي لاءِ قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي ملير پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي کنڀي گم ڪيل نوجوان تاج محمد کوسو جي وارث ماءَ فاطمه کوسو چيو ته 19 ڏينهن اڳ 2 نومبر تي شام 6 بجي گهگهر ڦاٽڪ گولِڊن هوٽل تي ويٺو هو اتي پرائيوٽ گاڏين ۾ سوار اڻڃاتل ٽن چئن ماڻهن منهنجي پٽ کي مار ڪٽ ڪرڻ بعد هٿيارن جي زور تي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويا، پٽ جي زبردستي کنڀجڻ جي رپورٽ بن قاسم ٿاڻي تي درج ڪرائي آهي پر هن وقت تائين سندس ڪو ڏس پتو نه مليو آهي، ماءُ فاطمه کوسو چيو ته نوجوان پٽ جي گم ٿيڻ تي سندس گهر واري، ٻار ۽ اسان سڀ سخت پريشان آهيون، هن چيو ته منهنجو پٽ اگر مجرم آهي ته کيس ظاهر ڪيو وڃي ۽ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اڄ مجبور ٿي قرآن پاڪ کڻي پريس ڪلب اڳيان سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو آهي، مظاهرو ڪندڙ وارٽ عورتن وزيرا علي سنڌ ، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، ايس ايس پي ملير کان اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي نوجوان تاج محمد کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪنداسين
