ميرپورخاص ۾ بلڊنگ اٿارٽي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملازمن پاران ترقيون نه ملڻ ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ ھٿن ۾ بينر کڻي  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد امين جسڪاڻي ، وحيد علي مھر، اسحاق ڀٽي ، غلام رسول ميمڻ ۽ ٻين چيو ته گذريل 10 سالن کان ڊيوٽي ڪري رھيا آھيون جڏهن ته اڃا اسان کي  ٽائم اسڪيل ، ترقيون نه ملي رھيون آھن  ۽ جي پي فنڊ، سروس بڪ نه ھجن سبب ملازمن ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آهي سميت ٻيا ھنن الزام هڻندي چيو ته   ھن معاملي ۾ اسان جو ٽيڪنيڪل عملو پڻ رڪاوٽ بڻيل آهي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڄاڻايل ٽيڪنيڪل عملي کي ھتان ھٽائي سينئر ٽيڪنيڪل عملو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اسان جا مسئلا حل ٿي سگھن ھنن سنڌ جي وڏي وزير ، صوبائي وزير ۽ ٻين کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته سندن جائز مسئلا فوري طور حل ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻيصورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں