ٻلهڙيجيءَ ۾ عظيم سوشلسٽ انقلاب جي سالگره جي موقعي تي هاري ڪانفرس ڪوٺائي وئي

ڏوڪري(رپورٽ:ظفر امداد ٻگهيو ) ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عظيم سوشلسٽ انقلاب جي سالگره جي موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي سماجي شخصيت سميت شعور رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ھاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته سوشلسٽ انقلاب روس جي هارين، مزدورن ۽ پيڙهيل ماڻهن کي ملڪ جو حڪمران بڻايو، ۽ سوين هزارين سالن کان هلندڙ بادشاهي نظام کي ڊاهي حقيقي جمهوريت قائم ڪئي. هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو جنهن ۾ تعليم، علاج، روزگار ۽ گهر رياست پنهنجي ذمي کنيو، ۽ ان آهي سڀ سهولتون معياري سطح تي ڏنيون. هي انقلاب 1917ع ۾ ڪامريڊ لينن جي قيادت ۾ اتان جي بالشويڪ پارٽي آندو، جنهن کي بعد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين جونالو ڏنو ويو، ان انقلاب نہ صرف پورهيت ۽ مسڪين ۽  مفلوڪ الحال ماڻهن کي اقتدار جو مالڪ بڻايو پر مظلوم قومن کي حقِ اختياري ڏئي، تمام قومن يعني پندرهن رياستون ۽ رشين فيڊريشن جي اندر موجود علائقن کي صوبن جا درجا ڏئي، ۽ انهن کي برابري جي بنياد تي قومن جو هڪ رضاڪارانا وفاق ٺاهيو. اهڙي ريت اهو صرف روس جي عوام جي قومن لاءِ نہ پر ان سوشلسٽ انقلاب دنيا جي پهرين مرحلي ۾ 117 ملڪن کي آزادي ڏياري، ۽ انهن آزاد ٿيندڙ ملڪن کي سامراج جي حملن کان بچايو، انهن کي ٽيڪنالاجي ۽ مالي مدد ڏئي انھن کي ترقي ڏياري.اسان کي بہ پاڪستان ۾ جاگيردارن، سيٺ سرمائيدارن ۽ جنرلن جي حڪمراني مان نجات حاصل ڪري پورهيت طبقي جو راڄ قائم ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي هتي اهڙو نظام رائج ڪرڻو پوندو جهڙو سوويت يونين ۾ هيو. ان لاءِ ضروري آ تہ وڏيرن کان زمينون کسي هارين کي ڏنيون وڃن، سرمائيدارن کان ڪارخانا کسي مزدورن جي انتظام هيٺ ڏنا وڃن، ۽ عوامي ترقي ۽ فلاح جي بجيٽ وڌائي وڃي، فوج تي ناجائز خرچ ختم ڪيا وڃن، ۽ سامراج کان حقيقي نجات حاصل ڪئي وڃي۔ عمران خان ۽ ٻين اقتدار جي بکين سياستدانن وانگر جنرلن ۽ آمريڪا کان اقتدار ۾ حصو پتي وٺي پنھنجا ڀڀ ڀريندڙ سياستدان پورھيت طبقي ۽ عام عوام جا ھڏ ڏوکي نٿا ٿي سگهن.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ موجود رياست جي اندر تضادن کي سمجهڻو پوندو، ۽ انهن تضادن کي سمجهي نظام تبديل ڪرڻ لاء جدوجهد ڪرڻي پوندي.  ڪانفرنس کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي جون ٻهراڙي ۾ ڪانفرنسون ڪرائڻ ۽ هارين کي اهو رستو ڏيڻ، شعور ڏيڻ تہ اهي منظم ٿي پنهنجي زندگي بدلائڻ جي ڪوشش ڪن، ان مقصد تحت ئي هي ڪانفرنسون ٻهراڙين ۾ ڪري رهيا آهيون. ۽ ٻلهڙيجي تاريخي شهر آهي، انقلابي ماڻهن جو ڳڙھ رهيو آهي. اُتي ڪانفرنس ڪري اسان ٻلهڙيجيءَ جي عوام کي ٻيهر جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اڃا ٻڏي پئي آهي، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيٺو آهي، ماڻهن جا فصل تباھ ٿي ويا آهن، نئين فصل پوکڻ جون اميدون ڪونهن،گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. رياست پنهنجي اقتداري ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، متاثر ماڻهن جي سار لهڻ وارو ڪوبه ڪونهي. سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ گلاب پيرزادو چيو ته هارين کي سجاڳ ۽ منظم ٿيڻو پوندو، منظم ٿي ڪري انقلاب جي گس تي ھلڻو پوندو. ان کان سواءِ انهن جي زندگي تبديل ٿي نٿي سگهي. هي جيڪو سروي ٿيو آهي، افواھ پيا هلن تہ جنهن جو گهر ڪريو آهي تنهنکي ٽي لک ملندا، ان ٽن لکن مان تہ ٻن ڪمرن ۽ ورانڊي جو بنياد بہ پورو نہ ٿيدو۔ ٻاهريان جيڪا امداد آئي سا سڀ وڏيرا ۽ هتان جا حڪمران کائي پنهنجا ڀڀ پيا ڀرين. عوام جي ڪوبہ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، تنهنڪري عوام کي پنهنجي جدوجهد لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي.  آجياڻي تقرير ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي ضلعو لاڙڪاڻو جي صدر ڪامريڊ غلام حسين مقول چيو ته اسين سڀني مهمانن، جيڪي هن جلسي ۾ شريڪ ٿيا آهن جو آڌر ڀاءُ ٿا ڪريون ۽ گذارش ٿو ڪريان ته هتي جيڪي مهمان مقرر ۽ دانشور آيا آهن، سي توهان کي علم ۽ سکيا ڏيڻ وارا آهن. انهن کي توجھ سان ٻڌو ۽ پوءِ اهي ڳالهيون پنهنجي ڳوٺ ۾ پهچايو ۽ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي منظم ٿيو تہ جيئن طاقت سان جدوجهد ڪري سگهجي.عوامي ورڪرز پارٽي جي مٺل ڪلهوڙي چيو ته رياست ذميدار آهي تہ ھر شهري کي پنهنجا بڻيادي حق ڏنا وڃن.  جلسي جي ڪاروائي ڪامريڊ انور ڏنگڙائيءَ هلائي، غلام رسول مڱريو پنهنجي انقلابي شاعري پيش ڪري زبردست داد حاصل ڪيو..ان کان ٻلهڙيجي جي روايت مطابق مامي رمضان ساريو آيل مھمانن کي گلن جا تحفا پيش ڪيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں