ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ حيدرآباد کان نڪتل پيادل مارچ مٽياري پهتو،شاندار استقبال

مٽياري(رپورٽ: جنيد گل ميمڻ)ھاڻوڪين برساتن کان پوءِ سخت متاثر ٿيل سنڌ جي ماروئڙن جي بحالي لاءِ سنڌ جي قومپرست پارٽين جي گڏيل اتحاد ٻوڏ متاثر بحالي ڪميٽي پاران سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏيڻ خلاف حيدر آباد کان لطيف سرڪار جي ننگري ڀٽ شاھ ڏانھن نڪتل پيدل مارچ جو مٽياري پھچڻ تي قومپرست پارٽين جي مقامي اگواڻن توڙي شھرين پاران مانائتو استقبال ڪيو ويو مارچ جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو . سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي . جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي .قومي عوامي تحريڪ جو ڊاڪٽر گلزار جماڻي . عوامي جمھوري پارٽي جي ادي نظير قريشي . رواداري تحريڪ اڳواڻ پنھل ساريو . پاڪستان خاصخيلي اتحاد اڳواڻ انور حسين خاصخيلي ۽ سنڌ صوفي فورم جو ڊاڪٽر بدر چنا ڪري رھيا ھئا مارچ ۾ شامل اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ کي برسات ۽ ٻوڏ کان وڌيڪ سنڌ حڪومت جي مجرماڻي غفلت تباھ ڪيو اھي ان ڪري ٻوڏ متاثر بحالي ڪميٽي مطالبو ٿي ڪري ته وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سميت سنڌ حڪومت کي فوري طور برطرف ڪري مٿن سنڌ کي ٻوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سپريم ڪورٽ توڙي سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ ٿيل ھٿراڌو تباھي جي نتيجي ۾ لکين سنڌي ماڻھن جي دربدر ٿيڻ ۽ انھن لاء آيل امدادي سامان ۾ لڳل گھوٻين جو فوري نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪئي وڃي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سياري شروع ٿي ويو آهي ان ڪري ٻوڏ متاثرن کي گرم ڪمبل . گرم ڪپڙا . کاڌو ۽ دوائون فراھم ڪيون وڃن اڳواڻن جو چوڻ ھو ته تازو سيوھڻ حادثي ۽ ان کان اڳ نوري آباد روڊ حادثي جي ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿئي ٿي ان ڪري سنڌ حڪومت فوري طور انھن متاثرن لاء معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڌرتي ڌڻين جو ھي احتجاج برسات متاثرن جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندي احتجاجي مارچ جو بائو ديرو . سيکاٽ . کيبر . کنڊو ء ڀٽ شاھ ۾ پڻ پرتپاڪ استقبال ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں