ٿورو لکيو گھڻو سمجھندا

گلشن سنڌو
حضرت شاھ عبداللطيف رح فرمايو ته’
دوست سڏائي سڀڪو جاني زباني
آھي آساني ڪمُ پوي ته ڪَلَ پوي
يعني ھونئن ته سڀڪو پنھنجائپ جي ھام ھڻندو آھي پر مشڪل وقت ۾ ئي اصل پنھنجي ۽ پرائي جي خبر پوندي آھي زبان سان چوڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ به وڏو فرق ھوندو آھي جن ۾ احساس ھوندو آھي انھن ۾ عمل به ھوندو آھي ڇوته احساس معاشري ۾ ھڪٻئي سان جوڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي جيڪڏھن احساس آھي ته پرائو به پنھنجو ٿي ويندو اگر احساس ناھي ته پنھنجو به اوپرو لڳندو آھي احساس ته اھا صفت آھي جيڪا ماڻھوء مان “انسان” بنائيندي آھي ڪنھن دور ۾ احساس نالي به ڪو جذبو انسان اندر اُڌما کائيندو ھو جيئن جيئن وقت ترقي ڪندو ويو تيئن تيئن احساس سوس کائيندو وڃي باقي بچيو آھي جيڪو ڪنھن ڪنھن انساني وجود اندر وسي ٿو ڪنھن شاعر چيو ته ” احساس بنا ماڻھو ڄڻ اخبار پراڻي آ” احساس جا به ڪي ماپا آھن جن جو پورائو ڪري معاشري جي سھڻي تعمير ڪري سگھجي ٿي ملڪي سطح تي احساس شھري سطح تي احساس علائقائي سطح تي احساس ۽ رشتيداري سطح تي احساس سوشلزم ۽ احساس. اگر ھر سطح تي احساس کي اندر۾ اوتجي ته نه صرف نينھن نرالا نروار ٿي جڳ جي جھول ۾ خوشيون ڀريندا بلڪه دل کي راحت بخشيندڙ عمل وانگر وايومنڊل کي بھار جي خوشين ۾ رنگي ڇڏيندا پر اڄڪلھ اُلٽي گنگا آھي ڪھڙي به سطح ھجي احساسن کان عاري ماڻھو ڳاٺ اونچو ڪندي گھمندي نظر ايندا.
حڪمران ۽ احساس: جڏھن حڪمران حڪمرانيءَ جي تخت کان ھيٺ ھوندا آھي تڏھن ووٽ خاطر غريبن جي جھوپڙين جي دز ۾ لَٽِيَل مسڪينن کي ڳچيءَ جو ھار بنائيندا آھن پر جڏھن انھن ئي غريبن جي ڏنل ووٽ سان ڪامياب ٿيندا آھن ته انھن سان ملڻ به پسند ناھن ڪندا اصل ۾ انھن حڪمرانن ۾ احساس ۽ احساس ذميداري ناھي ھوندي جنھن سبب غربت ۾ روز به روز اضافو ٿيندي نظر ايندو آھي ڀلي غريب غربت ۽ بي روزگاريءَ سبب خودڪشي ڪن پر انھن حڪمرانن کي مسڪينن جا سڏڪا روڄ راڙو ريھون نظر ناھن اينديون سياري ۾ ڏڪندڙ بدن ۽ اونھاري ۾ نٽھڻ اُس ۾ ٽچڪندڙ زندگيون حڪمرانن جي صحت تي ڇا اثر وجھنديون ھُو ته بنگلن ۾ رھندي ھر سھولت جا عادي کين انھن غريبن جو ڪوبه احساس ناھي ھوندو پارٽي ڪارڪن سندن مٿان قربان ٿي ويندا آھن ته ھي حڪمران سندن پونئرن جي سنڀال به ناھن لھندا.
شھري ۽ احساس: جڏھن حڪمران احساس کان عاري ٿي وڃن ته شھرين کي ھڪٻئي لاء احساس جا جذبا رکڻ گھرجن پر اڄڪلھ انڌي جھڙي پيڪين تھڙي ساھرين واري حالت آھي شھر گند جي انبار سان ڀريا پيا آھن ٻوڏ جون حالتون پنھنجن ئي ڌرتيءَ ڌڻين جي زندگي عذاب بنائڻ شھرن ۾ جرم وڌي وڻ ڪري ويا آھن پر ڪوبه پنھنجون ذميداريون مڪمل ايمانداريء سان نه ٿو نڀائي ماڻھن کي ائين بي سڪوني محسوس ٿئي ٿي ڄڻ ھانو ۾ ڪَٽَ پوندا ھجن پر شھري حڪومت ائين خاموش ڄڻ ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي اھي به رڳو پنھنجا کيسا ڀرڻ ۾ رُڌل نظر ايندا انھن ۾ ڪو احساس ناھي ھوندو.
پاڙيسري ۽ احساس : اگر ڪو ماڻھو ڪنھن علائقي ۾ رھي ٿو ته در در سان مليل ھجڻ باوجود ڪنھن کي به ٻئي جو درد تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي ڪنھن کي به ڪنھن جو احساس ناھي ھوندو بلڪه ھڪٻئي مان ڪَڪِ بيزار نظرايندا آھن پيار ميٺ محبت ملڪ مان موڪلائي وئي آھي احساس محبت جي جذبي کي جنم ڏيندو آھي تنھنڪري پنھنجي ڀر پاسي ۾ رھندڙن کي به احساس جي نظر سان ڏسجي.
رشتيداري ۽ احساس: دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏک رشتيدار ئي ھڪٻئي کي ڏيندا آھن جنھن سبب نفرتون جنم وٺنديون آھن اھي نفرتون زر ‘ زن ۽ زمين کان شروع ٿينديون آھن ۽ وڏن وڏن وڇوڙن ۽ وڇوٽين تي وڃي ختم ٿينديون آھن ۽ انھن جي ويڙھ ۾ احساس جو انت ٿي وڃي ٿو قرب ڪُسجي وڃي ٿو ۽ محبت مٽي ۾ ملي ميسارجي وڃي ٿي پوءِ ته موت فوت ۾ وڃڻ کان به آجو ٿيو وڃي ۽ سڀ ھڪٻئي لاءِ پٿر مثل بنجي ويندا آھن
سوشلزم ۽ احساس :انسان جڏھن معاشري ۾ پنھنجو ھڪ نانءُ ھڪ مقام پيدا ڪري ٿو اھو نالو ھو آسانيءَ سان پيدا نه ٿو ڪري ان لاءِ جھدِ مسلسل سندس ڪاميابيءَ لاءِ اھم حيثيت رکي ٿي شھرت يا مشھوري قلم سان اُڪريل ٽانڊن تي ھلي منزل طرف وٺي وڃي ٿي تنھن ڪري کيس اھو مقام کيس ڪنھن محبوب وانگر وڻندو آھي پر ڪجھ ماڻھو سوشل ميڊيا تي صرف ان لاء ھوندا آھن جيئن ھو ٻين جا پير ڪڍي سگھن ڪو مڊل ڪلاس اديب بيمار ٿيندو ته مجال آ وڏو اديب ان کي پڇڻ وڃي بس ڪو شل نه برگر فيمليء جو لکندڙ بيمار ٿئي سڀ انھيء وٽ نظر ايندا يعني ھتي به اسٽيٽس جو خيال ڪيو ويندو آھي ۽ ثقافت کاتو وري ڀريلن کي پيو ڀريندو ڪو احساس ناھي دنيا ۾ بي حسيءَ جي انتھا آھي آءُ به ڪافي عرصو بيمار رھيس لکڻ جي عمل کاان به پرڀرو رھيس ان دوران سوشل ميڊيا تي پوسٽون ھلنديون رھيون ان جي باوجود ثقافت کاتي تي جُون به نه چُري پر اڃان به ڪي آھن جن مدد به ڪئي ۽ رابطي ۾ رھندي خيريت به دريافت ڪئي الله انھن سڀني کي اجر عظيم عطا ڪندو. آمين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں