ڀرياسٽي پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، 2 نوجوان کنڀي وئي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، ٽائر ساڙي ڌرڻو

ڀرياسٽي (رپورٽ:غلام مرتضي دشتي) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ ھاشم کرل ۾ پوليس چڙھائي ڪري ٻه نوجوان کنڀي وئي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عورتن توڙي مردن علي حسن کرل قاسم کرل شاھنواز جمن کرل ۽ ٻين جي اڳوائي ۾ منگو لنڪ روڊ تي تي با اثرن توڙي پوليس زيادتين خلاف ٽائر ساڙي سخت احتجاج ڪيو ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڀرياسٽي پوليس با اثر مظفر ڪلھوڙو عبدالحق ڪلھوڙو وارن جي ونگار وھندي ڀرياسٽي ڀرياروڊ جي پوليس اٽالن ڊي ايس پي عبدالستار اڄڻ ايس ايڇ او ڀريا منير لغاري ايس ايڇ او جمشيد راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گذريل رات 3 وڳي 6 گاڏين ۾ سوار تي چورن وانگر اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري ٻارڙن عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻڻ بعد اسان جا ٻـ نوجوان راجا کرل ۽ ياسر کرل کي زبردستي کنڀي وئي آھي ھنن چيو ته اسان جو مظفر ڪلھوڙو وارن سان زمين جي مامري تا ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي پر ان جي باوجود با اثر مظفر ڪلھوڙو اسان کي زبردستي بي دخل ڪرڻ لا۽ اسان مٿان پوليس چڙھائي ڪرائي آھي ھنن چيو ته اسان کي خدشو آھي ته اسان جي ٻنھي نوجوانن کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويندو  ھنن ڊي آ۽ جي شھيد بينظير آباد ۽ بين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي با اثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جا کنڀيل ٻـ نوجوان واپس ڪرايا وڃن ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته مظفر ڪلھوڙو ۽ عبدالحق ڪلھوڙو واري ڌر طرفان زمين تي قبضي جو ڪيس داخل ڪرايل آھي ان لا۽ ڪارروائي ڪئي باقي نوجوانن کي ناھي کنيو ٻئي پاسي ايڊووڪيٽ عزيز عباسي ٻڌايو ته کرڱ برادري اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آھي اسان انھن خلاف ڀرياسٽي ٿاڻي تي زمين جي قبضي جو ڪيس داخل ڪرايو آھي کرل برادري پوليس تي حملو ڪيو آھي ۽ پوليس انھن تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں