ڪجهه ماڻهو پنھنجي مرضي جو آرمي چيف آڻڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رھيا آھن:مولانا فضل الرحمان

سکر(رپورٽ:مجيد نواز) پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تہ آرمي چيف جي مقرري معمول جو عمل آھي، ڇو جو ھڪ سرڪاري ملازم ھوندو آھي تہ رٽائرڊمينٽ بہ اُن جو حصو آھي، پر ڪجهه ماڻھو پنھنجي مرضي جو آرمي چيف آڻڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رھيا آھن. اڳوڻي سينيٽر عبدالقيوم سومرو جي رھائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو تہ عمران خان جو لانگ مارچ فرلانگ مارچ بڻجي چڪو آھي، لانگ مارچ اسان بہ ڪيا آھن، اسان ڪراچي کان شروع ٿي سکر کان ٿيندي ٻن کان ٽن ڏينھن ۾ اسلام آباد پھتاسين. پر ھنن جو خبر ناھي ڪھڙو لانگ مارچ آھي اسان جي لانگ مارچ ۾ نہ ڪو رستو بند ٿيو، نہ ٽريفڪ بلاڪ ٿي ۽ 15 ڏينھن اسلام آباد ۾ رھڻ باوجود ڪا بہ ڀڄ ڊاھ نہ ٿي. ھنن ماڻھن کي تہ اڳ واري ڌرڻي جي عدالت اجازت ڏني، پر ھنن ڀڄ ڊاھ ، باھيون ڏئي گھيراءٌ ڪيو. ھاڻي بہ جيڪڏھن انھن جو اِھو ارادو ھوندو تنھن ڪري حڪومت امن امان جي قيام لاءِ انتظام ڪندي. جي يو آءِ سربراھ جو چوڻ ھو تہ اسان فتنا حڪومت کي ڪڍي ٻاھر ڪيو، ڇو جو ھنن اڳوڻي حڪومت ملڪ جي معيشت تباھ ڪري ڇڏي، ان کي واپس پنھنجي پيرن تي بيھارڻ، معيشت بھتر ڪرڻ طرف موجودا حڪومت سفر ڪري رھي آھي. آءِ ايم ايف اھم حيثيت رکي ٿي، تنھن ڪري ان جي ڪليئرنس کانسواءِ ڪو بہ اڳتي نٿو وڌي سگھي. ھن چيو تہ اسان جون چائنا سان ڪاميابي سان ڳالھيون ھلي رھيون آھن، روس سان معاھدو ڪرڻ وڃون پيا، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تہ ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏجي ويھڻو پوندو، حڪومت ۾ شامل سموريون جماعتون متحد ۽ ھڪ ٽيم وانگ ڪم ڪري رھيون آھن اسان جي عوامي رابطا مھم ۾ ڪا بہ گھٽتائي ناھي ٿي، مان ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڪشمير بہ وڃي رھيون آھيان، گذريل رات شڪارپور ۾ وڏي عرصي کان پوءِ جلسو ڪيو جنھن ملين مارچ جي ياد تازي ڪري ڇڏي. ھن چيو تہ جيستائين عمران خان سياست ۾ آھي وڊيو ليڪ جهڙي گند ۽ غلاظت ايندي رھندي. اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ھر پارٽيءَ جو حق آھي، وقت ٻڌائيندو تہ ڪنھن سان گڏ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ ڪرڻي آھي ۽ ڪنھن سان ناھي ڪرڻي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں