گهوٽڪي ۾ ٻن مغوي پورهيتن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

گھوٽڪي(رپورٽ:ذوهيب اياز دايو) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان 23 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ گهريو مهر واسي ٻن پورهيتن شوڪت ولد ملان مکڻ ۽ صدورو ولد محمد ٻڍل مهرجي بازيابي لاء وارثن پاران حسين بخش،محمد ٻڍل،محمدعلي،لياقت مهر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان آحتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي آحتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڏهرڪي جي اينگرو ۾ سيڪيورٽي طور ڪم ڪندا آهن جيڪي 23 ڏينهن اڳ اينگرو کان واپس گهر آيا هئا جٿان هو گهر جو سامان وٺڻ گهوٽڪي شهر وياهئا ته آغوا ٿي ويا،جنهن جي اين سي اسان اي سيڪشن ٿاڻي پڻ داخل ڪرائي پر 23 ڏينهن گذري وڃڻ کانپواء به اسان جا نوجوان بازياب نه ڪريا ويا آهن هنن اهيو به چيو ته اسان پي پي ايم اين اي سردارمحمد بخش خان مهر ڏي به ويا هئاسين جنهن ايس ايس پي تنوير تنيوسان ڳالهيو ايس ايس پي سردارمحمد بخش خان اهيا خاطري ڪرائي ته هن کي ٻن ڏينهن ۾ ماڻهون ملي ويندا پر 23 ڏينهن ٿي ويا آهن ايس ايس پي توڙي گهوٽڪي پوليس اسان جي ڪا به مدد نٿي ڪري،آحتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه،آجي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي پورهيتن کي جلد بازياب ڪرائي سنڌن بي چيني ختم ڪئي وڃي،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں