اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جي مقري لاءِ سمري وزيراعظم هائوس حوالي ڪئي وئي آهي. سمري ۾ سڀ کان پهريون نالو ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ۽ ٻيو نالو ليفٽيننٽ جنرل سحر مشاد جو شامل آهي. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرلز اظهر عباس، نعمان محمود، فيض حميد، محمد عامر جا نالا به شامل آهن. وزيراعطم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجه آصف ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران اهم مقررين بابت صلاح مشورو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي اهم مشاورتي ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ احمد خان پڻ موجود هو. واضح رهي ته خواجه آصف گذريل ڏينهن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. ملاقات کانپوءِ بچاءَ واري وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته وزيراعظم سان ملاقات مشاورتي عمل جو حصو آهي، جنهن ۾ اهم قومي معاملن ۽ مقررين بابت ڳالهه ٻول ڪئي وئي.ٻئي طرف بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري ايندڙ 48 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بچاءَ واري وزارت وٽ اڄ سينيئر آفيسرن جا نالا اچي ويندا، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مقرري ٿي ويندي، آرمي چيف جي مقرري ڪُل 48 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سول ملٽري لاڳاپا درست آهن، سياست سان فوج جو واسطو آئين ۽ قانون موجب ٿي سگهي ٿو، ماضي جي لحاظ سان هاڻ فوج پنهنجو ڪردار نيوٽرل ڪري ڇڏيو آهي، جنرل باجوا سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي. سندس چوڻ هو ته بچاءَ واري وزارت وٽ ايندڙ نالا شهباز شريف حوالي ڪنداسين، فيصلو ان کي ڪرڻو آهي، سينيئر فوجي آفيسرن جا نالا موڪلڻ جو حق جي ايڇ ڪيو کي آهي. ٻئي طرف اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو. وزيراعظم شهباز شريف پهچڻ تي آصف زرداري جي آجيان ڪئي، اڳوڻي صدر وزيراعظم کان خيريت معلوم ڪئي، جڏهن ته شهباز شريف ڪَهي اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏيهن اڳ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو هو ۽ صحتيابي کانپوءِ هن وري ذميواريون سنڀاليون آهن.
