آرمي چيف جي مقرري واري سمري نه اچڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ ( ن ) جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ضروري آهي ته آرمي چيف جي مقرري واري سمري جلد اچي ۽ وزيراعظم ان تي جلد فيصلو ڪري. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي سمري نه اچڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سڄو ملڪ انتظار ڪري رهيو آهي ڪير نئون آرمي چيف بڻجندو، ڪيئن بڻجندو. هن چيو ته ضروري آهي ته سمري جلد اچي ۽ وزيراعظم جلد فيصلو ڪري جڏهن ته نالن جي فهرست ۾ اهل شخص جو نالو شامل نه هجڻ يا اهليت نه رکڻ واري جو نالو هجڻ غلط عمل هوندو، اهو معاملو عدالت ۾ چئلينج به ٿي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں