اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس تي ڪارروائي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت ريفرنس واپس نيب حوالي ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت اسحاق ڊار جي بريت خلاف داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته نيب ترميمن بعد فيصلي تي هن عدالت کي ڪو اختيار ناهي، اسان نه نيب کي ۽ نه ئي وري جوابدار جي حق ۾ فيصلو ڏئي سگهون ٿا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف هلندڙ ٽرائل هتي ئي ختم ڪجي ٿو. نيب ريفرنس خلاف اسحاق ڊار، سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضا بريت جون درخواستون داخل ڪيون هيون. ياد رهي ته قومي احتساب بيورو طرفان آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس 2017 ۾ داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اڳوڻي نيشنل بئنڪ جي صدر سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضا رضوي نامزد هئا. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوط ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. ريفرنس ۾ جاچ آفيسر سميت 42 گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا هئا. اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جو جاچ آفيسر نادر عباسي هو.
