جهڏو ۾ عوامي تحريڪ جي ڌارين آبادڪاري خلاف ريلي

جهڏو(ن س)جهڏو ۾ عوامي تحريڪ پاران اياز کوسو، امير بخش جروار، اياز ڪلوئي، پروانو ڪپري، محب ڀيل ۽ ٻين پاران عوامي نگر پاڙو کان احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل بينڪ چوڪ وٽ مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ سرڪار 15 سالن ۾ ٽيون ڀيرو سنڌ کي هٿرادو طور ٻوڙايو آهي پاڻي جي قدرتي وهڪرن پراڻ ۽ ھاڪڙي جا قدرتي لنگھ بند ڪري هٿرادو ڪٽ هڻي سنڌ کي ٻوڙي ڪروڙين ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو اربين رپين جا فصل ٻوڙي ختم ڪيا ويا ٽي مهينا گذري ويا آهن بيٺل پاڻي نيڪال ناهي ٿيو لکين متاثرين اڃا روڊن رستن تي ويٺل آهن متاثرن لاءِ آيل امداد به ڪرپشن جي نظر ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي افغاني بنگالي بهاري برمي آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي هان ڊوميسائل جو شرط ختم ڪري ڌاريا گورنر ۽ يونيورسٽين جا وي سي سنڌ ۾ مقرر ڪيا پيا وڃن هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان فوري طور قبضا ختم ڪرائي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں