دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) راڌڻ اسٽيشن ھندو محلا جي رهواسڻ گورنمينٽ گرلس ووڪيشنل اسڪول ٿرڙي محبت جي هيڊ ماسترياڻي پشمينه جانوري مڙس قربان جانوري ۽ پيءُ پيرسن صحافي انور منگي سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪري دادو پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ھنجون ھاريندي دانهيو ته گذريل رات بااثرن پاران گهر ۾ گهڙي گھر ڀاتين تي تشدد ڪيو ويو ۽ ووڪيشنل اسڪول کي تالا ھڻي ڇڏيا آھن ۽ اسڪول بند ڪرائڻ لاء ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، ھن چيو ته مون پنھنجي نياڻي جو رشتو ميراڻي برادري ۾ ڪيو آھي جنھن تان منھنجا ڏير ۽ ڏيروٽ اڪبر جانوري، ارشاد، صدام، عاشق ۽ اصغرجانوري ڏمرجي اسان جي دوڪانن جي ڀنڃ ڊاهه ڪري روڪ رقم ۽ سامان کڻي ويا آهن، جوابدارن مان جاني مالي خطرو آهي جوابدارن رات ھٿيار کڻي گھر ۾ گھڙي منھنجي معصوم ٻچڙن نياڻين ذيشان، يسرہ، مسڪان، رخسار، محسن، حسنين تي سخت تشدد ڪيو،پاڙي وارا ڏسندا رھيا، اسان راڌڻ ٿاڻي تي جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين پوليس اين سي داخل ڪئي ايف آءِ آر نہ ڪٽي، پوليس ڪا بہ گرفتاري عمل ۾ نہ آندي آھي، جوابدارن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن ھو مختلف ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث آھن، هنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيف جسٽس، سيشن جج، تعليم کاتي جي منسٽر، سيڪريٽري تعليم، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدراآباد،ايس ايس پي دادو ۽ تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تعليم دشمن ۽ علم دشمن جوابدارن خلاف سوموٽو ايڪشن وٺي مٿن ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙينداسين ذميوار مٿيان جوابدار ھوندا.
