دولتپورصفن(ن س) دولتپورصفن ويجهو ملواھ شاخ کي آر ڊي نمبر 38 وٽان 100 فوٽ کان وڌيڪ گھارو پئجي ويو ، جڏهن تہ ڳوٺ امام بخش نائچ ، ڳوٺ عمر راهو ، ڳوٺ بچو راھو , ڳوٺ عارب ڇٽو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهجي پيو، ڪاهيل ڪروڙين رپين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا ، مختلف ڳوٺاڻن امين لاکو، فضل راھو، زاهد راهو ، سردار راھو ۽ ٻين ايريگيشن کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو تہ ايريگيشن عملدارن جي نااهلي سبب هر ٽي مهيني شاخ کي گهارا پون ٿا ، جنهن سبب اسان جا ڪاھيل ڪمند ،ڪڻڪ ، سرنھن ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ، هنن وڌيڪ ٻڌايو تہ اڳ ئي برساتن ۾ اسان جا ڳوٺ گهر ۽ ڪاهيل ڪروڙين رپين جا فصل تباھ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ٽريڪٽرن ذريعي پنهنجي مدد پاڻ تحت 15 ڪلاڪن کان پوء گهارو بند ڪيو ، هوڏانهن آبپاشي عملدار دير سان پهچڻ تي سستي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن کي ڏٽا ڏيندا رهيا تہ ڪرين مشين گهرائي آهي پر ڪرين مشين نہ پهتي ۽ آبپاشي عملدار کسڪي ويا ، ڳوٺاڻن ايريگيشن کاتي جي اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ جلد کان جلد ملواهه شاخ جي بند ۾ مٽي جي ڀرائي ڪري بند مضبوط ڪيو وڃي جيئن وري ڪو نقصان نہ ٿي .
