سنڌ يونيورسٽي ۾ بيت الخلاءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينار

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيت الخلاء جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ڪيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن چيو آهي ته پاڪستان اصل ۾ هندستان ۽ انڊونيشيا کان پوءِ ٽيون وڏو ملڪ آهي، جتي ماڻهو کُليل آسمان هيٺ رفع حاجت ڪرڻ تي مجبور آهن. صفائيءَ جو مسئلو صرف پاڪستان ۾ نه پر عالمي سطح تي موجود آهي، جنهن سبب اڄ تائين 3.6 بلين ماڻهو انتهائي ناقص ۽ غير صحت بخش حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ سميت ملڪ ۾ بيت الخلاء جو بحران ۽ صفائيءَ جو خراب نظام موجود آهي. صوبائي حڪومت عوامي هنڌن تي ٽوائليٽس قائم ڪري انهن جي صفائيءَ جو مناسب بندوبست ڪري، گڏوگڏ ٽوائليٽس کي پاليسيءَ جو حصو بڻائي، ڇاڪاڻ ته ان جو تعلق سڌيءَ ريت انساني صحت، ماحول، درياهه ۽ جر جي پاڻيءَ سان آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ بيت الخلاء جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان بيورو آف اسٽيگس پاران واٽر ايڊ جي سهڪار سان منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته ناقص معيار وارا بيت الخلاء هئڻ يا وري بيت الخلاء نه هئڻ سبب ماڻهن پاران کليل آسمان هيٺ حاجت پوري ڪرڻ انساني صحت ۽ ماحول لاءِ بلڪل نقصانڪار آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سان ماحول گدلو ٿئي ٿو ۽ بدبوءِ پري پري تائين پکڙجي ٿي. هن چيو ته صفائيءَ جي مناسب اصولن جي پابندي ڪرڻ لازمي آهي، ان لاءِ معاشري جي هر فرد توڙي حڪومت کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ماحوليات شعبي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر امان الله مهر چيو ته انساني صحت جا مناسب منصوبا جر جي پاڻي (زير زمين پاڻي) جي حفاظت لاءِ ضروري آهن ۽ جتي سٺي معيار جا ٽوائليٽ موجود نه آهن، اتي انساني فضلو درياهن، ڍنڍن، مٽي ۽ جر جي پاڻيءَ کي گدلو ڪري ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں