صوفي ازم انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿي: فتح محمد مري

حيدرآباد (هه آ )  وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽندو ڄام فتح محمد مري چيو آهي ته يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ۾ منعقد ڪيل بين الاقوامي  ڪثير الشعبه ڪانفرنس  پنهنجي پاڻ ۾ هڪ منفرد ڪانفرنس آهي ڇاڪاڻ ته  ان ڪانفرنس ۾ اسانکي تصوف  سميت ماڊرن سائنس کي به ڄاڻڻ جو موقعو ملندو اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز جي ناز لطيفي هال ۾ صوفي ازم ۽ جديد سائنسز جي عنوان سان منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري  بين الاقومي ڪثير الشعبه ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪندي ڪيو.هن چيو ته اسانجو ماضي شاندار هو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان حال ۾ رهندي پنهنجي مستقبل کي شاندار بڻائڻ جي ڪوشش ڪيون.هن چيو ته تصوف جي تعليم اسانکي پاڻ کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي جڏهن ته روح جي پاڪيزگي ۽ هڪ پر امن معاشري جي جوڙجڪ  لاءِ صوفين جو ڪردار مثالي رهيو آهي. هن چيو ته صوفي ازم انسان مان خوف ، لالچ ، حسد ۽ نفرت  کي دور ڪري انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿي. ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ مريد علي راهمون سيمينار جي اهتمام کي ساراهيندي چيو ته اڄوڪي نشست جو مقصد ريسرچ کي هٿي وٺرائڻ  آهي ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ جيڪا به ترقي ٿي رهي آهي  اها ريسرچ جي ئي ڪري ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ هميشه کان رواداري، محبت ، ڀائيچارگي ۽ اخوت  لاءِ مشهور رهيو آهي_ هن  چيوته اسانکي پنهنجي ماضي مان سکندي  موجوده چيلنجن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان پنهنجي حال ۽ مستقبل  ٻنهي کي بهتر بڻائي سگهون.هن چيو ته نياڻين کي تعليم ڏيارڻ تمام ضروري آهي جڏهن ته اڄ اسان جي معاشري ۾ عورتن جي تعليم سميت هر فيلڊ ۾ سندن  موثر ڪردار رهيو آهي جيڪا خوش آئند ڳالهه آهي. ان موقعي تي يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ مارڊرن سائنسز ، ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر پروين منشي چيو ته  ڀائيچارگي، امن، رواداري ۽ معاشري جي مثبت تبديلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تصوف کي جديد تعليم سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جديد دور جي پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِروايتي حڪمت عملي تحت جديد سائنسي تعليمي مهارت  حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪانفرنس ۾ ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد سوائي خان ڇلگري، رجسٽرار  يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز فرمان علي شاهه،  پروفيسر شعبان وسطڙو ، چيئرمين شعبه سنڌي پروفيسر نور محمد شاهه  کان علاوه يونيورسٽي جي شاگردن وڏي انگ ۾ موجود هئا.ان موقعي تي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ کي يادگاري شيلڊ ۽ روايتي اجرڪ جا تحفا پيش ڪياويا جڏهن ته شام ۾ “روحاني شام”  جي عنوان سان پروگرام منقعد ڪيو ويو جنهن ۾ لطيفي لات (منٺار فقير) سريمن ڪلياڻ ، شاهه جو راڳ  ۽ عارفانه ڪلام پيش ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں